اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي سربراهه اسد عمر چيو آهي ته ڪورونا مثبت شرح جو سبب بڻجندڙ سرگرمين تي سخت پابندين جو فيصلو ڪيو ويو آهي. رپورٽن مطابق ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ٽئين لهر ۾ تيزيءَ کي نظر ۾ رکندي نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جو اهم اجلاس اسد عمر جي صدارت هيٺ ٿيو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اجلاس ۾ ٿيندڙ فيصلن بابت اسد عمر چيو ته اڄ اين سي او سي جي اجلاس ۾ اسان انهن سمورين سرگرمين تي سخت پابندين جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن سان ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ ٿي رهي آهي. هن چيو ته اسلام آباد ۽ صوبائي انتظاميا کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو ايس او پيز تي سختيءَ سان عمل ڪرائين، جڏهن ته ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙن ۽ ڀڃڪڙين تي ڪريڪ ڊائون جي پڻ هدايت ڪئي آهي.
239