203

ماحولياتي گدلاڻ کي روڪڻ لاءِ وڻ انتهائي ضروري آهن، ٻوٽا پوکڻ لاءِ هر ڪو پنهنجو ڪردار ادا ڪري: مرتضيٰ وهاب

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) سنڌ حڪومت جو ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ڄامشوري پهچي ٻوٽا پوکڻ واري مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. مرتضيٰ وهاب لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي مک گيٽ ۽ فلاءِ اوور هيڊبرج ڀرسان ٻوٽا پوکي وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪيو. افتتاح کانپوءِ دوائون ٺاهيندڙ ڪمپني پاران ٻوٽن جي اهميت بابت تقريب ڪوٺائي وئي. جنهن کي خطاب ڪندي سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته ماحولياتي گدلاڻ کي روڪڻ لاءِ وڻ انتهائي ضروري آهن، ٻوٽا سڀاڻي وڻ بڻبا. مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته سرسبر سنڌ اسان جي سڃاڻپ آهي، سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ وڻڪاري ڪري رهي آهي. هن چيو ته اڄ جي وڻڪاري اسان جي ايندڙ نسل کي سازگار ماحول ڏيندي، ٻوٽا پوکڻ لاءِ هر ڪو پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ان موقعي تي ڊي جي سيپا، ماحوليات کاتي سميت مختلف کاتن جا عملدار پڻ موجود هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو