179

اسڪول بند ڪرڻ وڏو مشڪل فيصلو آهي، خواهش اٿم ته تعليمي ادارا کليل رهن: شفقت محمود

لاهور (ويب ڊيسڪ) تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته اسڪول بند ڪرڻ مشڪل فيصلو آهي ۽ تعليم واري وزارت جي خواهش آهي ته تعليمي ادارا کليل رهن. لاهور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي شفقت محمود چيو ته ڪورونا جي صورتحال ۾ اسان ڪيترائي قدم کنيا آهن ۽ تعليم واري وزارت جي خواهش آهي ته تعليمي ادارا کليل رهن، ڇاڪاڻ ته تعليمي ادارن ۾ تدريس ۽ آن لائين تعليم ۾ وڏو فرق آهي، آن لائين تعليم ۾ اهي ڳالهيون ناهن ٿينديون جيڪي ڪلاس ۾ روم ۾ ٿين ٿيون. هن چيو ته اسڪول بند ڪرڻ وڏو مشڪل فيصلو آهي، ان حوالي سان 24 مارچ تي ٻيهر گڏجاڻي آهي، جنهن ۾ جائزو ورتو ويندو ته تعليمي ادارا کولڻا آهن يا نه؟

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو