اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) براڊ شيٽ ڪميشن جاچ پنهنجي مقرر وقت تي مڪمل ڪري ورتي آهي. رپورٽن مطابق وفاقي ڪابينا نيب ۽ براڊ شيٽ معاملي تي رٽائرڊ جج جي سربراهي ۾ جاچ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي، جوڙيل ڪميشن مقرر وقت تي پنهنجي جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي ۽ ڪميشن اها جاچ رپورٽ وزيراعظم آفيس اماڻي ڇڏي آهي، جيڪا جوائنٽ سيڪريٽري زاهد مقصود وصول ڪئي آهي. ذريعن مطابق براڊ ڪميشن رپورٽ ۽ لاڳاپيل رڪارڊ 500 صفحن تي ٻڌل آهي، معاهدو ڪنهن ۽ ڪن سببن جي ڪري ٿيو، اهو سڀ ڪجهه سامهون اچي چڪو آهي، براڊ شيٽ جي رقم غلط ماڻهن کي ڪنهن ادا ڪئي، اهو به جاچ ڪميشن معلوم ڪري ورتو آهي. براڊ شيٽ ڪميشن 24 شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا، هڪ اڳوڻي عورت ليگل ڪنسلٽنٽ سڏائڻ باوجود ڪميشن ۾ پيش نه ٿي، ڪميشن 9 فيبروري تي ڪم شروع ڪيو هو ۽ اڄ جاچ کي 6 هفتا مڪمل ٿيا. ذريعن مطابق براڊ شيٽ ڪميشن کي سمورا تفصيل نيب جي دستاويزن مان مليا ۽ جاچ ۾ براڊ شيٽ ڪمپني کي 15 لک ڊالر ادائيگي جو رڪارڊ گم ٿيڻ انڪشاف ٿيو آهي. ٻڌايو ويو آهي ته براڊ شيٽ ڪمپني کي 15 لک ڊالر رقم جي ادائيگي غلط نموني ڪئي وئي، غلط شخص کي ادائيگي پاڪستاني رياست سان دوکو آهي، ادائيگي کي رڳو بي احتياطي قرار نٿو ڏئي سگهجي، ناڻي واري وزارت، قانون ۽ اٽارني جنرل آفيس مان فائلون چوري ڪيون ويون، پاڪستاني هاءِ ڪميشن لنڊن مان به ادائيگي جي فائيل مان داخلا جو حصو گم آهي.
157