ليکڪ: الطاف ابڙو
دنيا جي سماجن جي ماضي جي تاريخ توڙي موجوده وقت جي هلندڙ لمحن ۾ عورتن سان نئين نئين انداز ۾ دردناڪ واقعا پيش ايندا رهيا آهن، دنيا جي مختلف وقتن ۾ ڪٿي نياڻين کي صرف عورت هجڻ ڪري پيدا ٿيڻ وقت ئي زنده قبرن ۾ دفنايو ويو، ڪٿي وري پهاڙن تان اڇلايو ويو ته ڪٿي وري قيد ۾ رکيو ويو، ڪٿي نوڪرياڻي ڪري غلام بڻائي رکيو ويو. دنيا جي مختلف ماحولن، وڻن ٻوٽن، جانورن توڙي ماحولياتي تبديلين تي تحقيقون ٿي رهيون آهن پر حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به شيءِ جي مڪمل ڄاڻ سائنسدان ۽ مفڪر حاصل نه ڪري سگهيا آهن، يعني علم وسيع آهي ۽ ايجاد ڪيل شين جي بناوٽ به وسيع آهي. شينهن دنيا جو طاقتور ترين جانور تسليم ڪيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته قدرت پاران انهي کي طاقتور ترين جانور بڻائي تخليق ڪيو ويو آهي، پر انهيءَ جي مقابلي ۾ هزارين جانورن کي ڪمزور ڪري بڻايو ويو، جتي شينهن جو تذڪرو ٿيندو آهي اتي دليرائپ جا مثال ڏيندا ويندا آهن. ساڳئي ئي طريقي سان انسانن ۾ عورت ۽ مرد جي بناوٽ ڪري مرد کي عورت جي مناسبت سان طاقتور بڻايو ويو آهي، ڪنهن ڏاهي جي عظيم چوڻي آهي ته ”جانورن ۽ مردن ۾ حواس آهن بس فرق اهو آهي ته ماڻهو جيڪڏهن زندگي جو اصل مقصد سمجهن ته هو فرشتن کان به افضل آهن جيڪڏهن زندگي تان ڀٽڪي پون ته هو جانورن کان به وڌيڪ وحشي بڻجي ويندا آهن“ پاڪستان ۾ نظرياتي طور هر تنظيم توڙي اين جي اوز ناڪام بڻجي ويون آهن، اسان ادبي، اخلاقي ۽ شرعي لحاظ کان مڪمل ناڪام بڻجي رهيا آهيون، هڪ مهينو اڳ مڙس پنهنجي گهر واري تي ڪارنهن جو الزام هڻي کيس زندهه دفنائي ڇڏيو ۽ ٻارڙين سان بدفعلي ڪري کين قتل ڪرڻ جهڙن واقعن سبب اسين بگهڙ کان به وڌيڪ ظالم ڪيفيت رکندڙ جانور مزاج ٿي چڪا آهيون، سنڌ جي ورسٽين جي هاسٽلن ۾ سنڌ جي نياڻين جا پکن ۾ لٽڪيل لاش ۽ تعليمي ادارن جي نياڻين سان بدفعلي بعد دنيا آڏو رکيل تصويرون گواهي پيون ڏين ته اسين هن وقت غير مهذب بڻجي چڪا آهيون، سنڌ جي نياڻين کي اغوا ڪري انهن کي قيد ۾ رکي بدفعلي بعد انهن کي واهن ۽ شاخن ۾ لوڙهي دنيا کي اهو به ٻڌايون پيا ته اسين جن جديد دور ۾ جهالت جا وارث بڻجي چڪا آهيون، اسان جي معاشري ۾ نياڻين جي مدد به ڪنهن لالچ يا مقصد لاءِ ئي ڪئي ويندي آهي، هن وقت به سنڌ جون هزارين نياڻيون اوباش نوجوانن پاران بليڪ ميل ٿي عزتون پائمال ڪري تنهائي جو موت مري رهيون آهن، اهي سمورا واقعا آخر ڪڏهن بند ٿيندا، ذهن سوچڻ ئي بند ڪري ڇڏيندو، يعني اسان کي پنهنجو ضمير ئي جواب نه ڏئي سگهندو، انهيءَ ڪري هر ماڻهو هتي درنده صفت اکيون کڻي انسانيت جي شڪار لاءِ گهمي ڦري رهيو آهي، پوءِ جنهن جو جتي وس هلي ٿو اهو اتي وحشي عمل ڪري دنيا آڏو دهشت جا نوان مثال پيو قائم ڪري، هتان جون نياڻيون ڊاڪٽرن ڏئي وڃن ٿيون ته ڊاڪٽر به زيادتي جو نشانو بڻائين ٿا، استادن ڏئي وڃن پيون ته اهي به والدين واري پيشي جي تذليل ڪندي نياڻين کي ڌمڪائين ٿا، نوڪري وٺڻ لاءِ وڃن پيون ته ادارن جا سربراهه مجبورين جو فائدو وٺندي انهن جي جذباتن کي چور چور پيا ڪري ڇڏين، هن وڌندڙ مهانگائي ۾ ڪهڙي عورت چاهيندي ته هن جا ٻچا بکن تي ويهن ۽ انهن جي ٻچن کي بخار ۾ دوا نه هجي عورتون مجبوري ۾ هن سماج ۾ ڀٽڪندي ڪجهه پئسن عيوض تڪليفون برداشت ڪري زندهه هجڻ باوجود مشڪلاتن جي ور چڙهيل آهن،پر افسوس جو اسان صرف پنهنجي ئي گهرن تائين محدود آهيون، اسان ڪڏهن به پاڙي واسين ۽ علائقي واسين توڙي سنڌ يا ملڪ واسين نياڻين جو نه سوچيندا آهيون، ڇاڪاڻ ته اسين پاڻ هر وقت پنهنجون جسماني خواهشون ۽ پنهنجي اولاد کي خوش رکڻ لاءِ مصروف آهيون، ڪنهن ٻئي جو اولاد بخار ۾ مري وڃي يا ڪنهن جي نياڻي راشن وٺڻ لاءِ ڪنهن در تي بيهي بيهي اس ۾ ڪري پوي اسان کي ڪوبه فرق نه پيو پوي، ڪيستائين اسان حقيقتن جي مخالفت ڪري خودگرزي واري زندگي ۾ چمبڙندا رهنداسين ۽ اسان دنيا ۾ پنهنجو مڪمل وقار ڪيرائي غير مهذب قوم جي نالي سان سڃاتا پيا وڃون، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان کي انهن سڀني عملن کان پاسو ڪري انسانيت جا ليڪا لتاڙڻ بدران عملي طور تي عورتن جي حقن، عزت ۽ آبرو لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ته جيئن اهي به پنهنجا حق حاصل ڪرڻ ۾ نه ڪيٻائين ۽ اسڪولن کان وٺي يونيورسٽين تائين پنهنجي تعليم کي جاري رکي سگهن، ڇاڪاڻ ته هن وقت انهن لاءِ جيڪو ماحول جوڙيو ويو آهي، اهو ڪنهن به صورت ۾ برداشت جوڳو نه آهي ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ عورت کي مسئلا درپيش آهن، ان ڪري هڪ مهذب قوم جو چٽو ثبوت ڏيندي اسان کي گهرجي ته عورتن کي برابري جي بنياد تي هر ميدان ۾ اڳتي آڻيون ته جيئن هو به مردن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيهن ۽ هڪ بهتر سماج جي جوڙجڪ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن.