144

سرڪاري ملازمن کي الائونس ڏئي بيچيني ختم ڪئي وڃي…

ليکڪ: علي اصغر جمالي

جيئن ته گذريل مهيني وفاق طرفان وفاقي ملازمن جي احتجاج بعد  ملازمن کي 25 سيڪڙو ايڊهاڪ الائونس ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن ڪڍيو آهي پر سنڌ حڪومت اڃا تائين ڪو به اهڙو اعلان نه ڪري سگهي آهي، جنهن سبب ملازمن ۾ مايوسي ڇانيل آهي، ان ڪري اسان هتي سنڌ حڪومت کي اها اپيل ٿا ڪريون ته اها به وفاق کان وڌيڪ يعني 30 سيڪڙو ايڊهاڪ الائونس جو اعلان ڪري ۽ ان جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو وڃي، ٻيو يوٽيلٽي الائونس جيڪو وزيراعليٰ هائوس، گورنر هائوس ۽ سنڌ سيڪريٽريٽ جي ملازمن کي ملندڙ آهي، جڏهن ته اهو الائونس اندروني سنڌ جي ملازمن کي نٿو ڏنو وڃي، جيڪو به سڀني ملازمن کي ملڻ گهرجي ۽ ان جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي، جڏهن ته ميڊيڪل الائونس جيڪو گريڊ هڪ کان وٺي گريڊ 15 تائين جي ملازمن کي 1375 رپيا ملندڙ آهي ۽ گريڊ 16 کان گريڊ 22 تائين جي ملازمن کي 15000 رپيا ملندڙ آهي، جيڪا پڻ هيٺئين طبقي ۽ هيٺئين گريڊ وارن سان ناانصافي آهي. ان کي به برابري جي بنياد تي سڀني ملازمن کي هڪجيترو ڏنو وڃي ۽ جنهن لاءِ اسان سنڌ جي وڏي وزير ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ کي هن خط جي ذريعي پرزور اپيل ٿا ڪريون ته سرڪاري ملازمن جي هائوس رينٽ ۾ 80 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي، ته جيئن هن ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي  سبب غريب توڙي هيٺئين طبقي جو ملازم پنهنجي گهر جي چلهه ٻاري سگهي ۽ پرسڪون زندگي گذاري سگهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو