ليکڪ: پيار علي چانڊيو
ملڪي معيشت تي گذريل سال کان وٺي وبا جي سنگين صورتحال سبب ناڪاري اثر پيا آھن، جنھن سبب سنڌ جي آبادگارن وڌيڪ تڪليفون ڀوڳيون آھن، ڪورونا وائرس جي ڊگھي لاڪ ڊائون واري مرحلي جتي ملڪي ڪاروھنوار کي ڪاپاري ڌڪ رسايو اتي ڪڻڪ جا آبادگار پڻ معاشي گھوٽالي جو شڪار رھيا، خاص ڪري گذريل سال ٽرانسپورٽ بند ھُجڻ ۽ سرڪاري خريداري سينٽرن تائين ڪڻڪ جي رسائي نه ٿيڻ ڪري آبادگارن کي وڏو نقصان پھتو، جيڪڏھن سينٽرن تائين ڪڻڪ ڪنھن صورت ۾ پھتي به ته ننڍن آبادگارن کي ڪٽوتين جي آڙ ۾ ڦريو ويو ۽ اھڙي طرح ڪڻڪ جي سيزن ۾ آبادگارن کي اگھن کان ويندي بارداني واري پريشان صورتحال کي منھن ڏيڻو پيو، ڇو ته ھر سال جيان سرڪاري اگهھ جي مقرري کان ويندي سرڪاري خريداري سينٽر جي باضابطا طور خريداري نه ٿيڻ ڪري ڪڻڪ جا آبادگار معاشي ڏکيائين جو شڪار رھندا آيا آھن، سنڌ سرڪار سال 2021ع جي شروعاتي مھيني ۾ ڪڻڪ جو سرڪاري اگهھ 2 ھزار رپيا في مڻ مقرر ڪري ڇڏيو آھي، جيڪو سٺو سنوڻ آھي، پر ھتي ڪڻڪ جي سرڪاري خريداري سينٽرن کي اڃا تائين تالا لڳل آھن ۽ اھي تالا تڏھن کلندا آھن جڏھن ڪڻڪ جو 50 سيڪڙو فصل خانگي واپاري خريدي چڪا ھوندا آھن، ھينئر مارچ مھيني جي شروعاتي ڏينھن ۾ ئي لاڙ توڙي اتر سنڌ ۾ ڪڻڪ جو نئون فصل مارڪيٽن ۾ پھچي چڪو آھي، جنھن کي خانگي واپاري خريدي رھيا آھن پر زراعت کاتي طرفان ڪا به اڳڀرائي نه ڪئي وئي آھي، جنھن جو نقصان وري به ننڍن آبادگارن کي ٿي رھيو آھي، جيڪڏھن ڪنھن به ھنڌ ڪو سرڪاري سينٽر کليل به ھوندو ته اتي به بارداني جي دانھن ڪُوڪ ضرور ٻڌڻ ۾ پئي ايندي آھي، جيڪو ھر سال جو معمول بڻيل ھوندو آھي، ھاڻ به اھو ئي افسوس ڪري سگھجي ٿو ته سنڌ جي ننڍن آبادگارن کي سندن فصل جو صحيح اگهھ نه ٿو ڏنو وڃي ڇا اهو آبادگارن سان ظلم ناهي جو هن وقت تائين ڪڻڪ جا سرڪاري خريداري سينٽر ناهن کلي سگهيا، ھونئن به جڏهن سنڌ ۾ ڪڻڪ جي فصل جي سٺي پيداوار ٿيندي آهي ته سرڪار جو ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو الائي ڇا ٽارگيٽ بيھندو آھي، هارين ۽ آبادگارن کي هر سال اهو يقين ڏياريو ويندو آهي ته ڪڻڪ جو هڪ هڪ داڻو حڪومتي سينٽر خريد ڪندا پر افسوس جو انهن دعوائن تي عمل ناهي ٿي سگهندو، ڇو ته ڪڻڪ جي آبادگارن کي سنڌ جي ڪنهن به سرڪاري سينٽرن تان آساني سان باردانو ناهي ملي سگھندو ۽ سموري سنڌ جا ننڍا آبادگار بارداني نه ملڻ جو دانهون ڪندي نظر ايندا آهن، ڪڻڪ وارو سڀ باردانو ڪڻڪ جي انهن واپارين کي ڏنو ويندو آھي، جيڪي هارين جي مجبورين جو فائدو وٺي انهن کان سٺي اگهه ۾ ڪڻڪ خريد ناهن ڪندا، انهن منافعي خور واپارين ۾ هاري دوست وارو جذبو نظر نه ايندو آھي، هر سال ڪڻڪ جو فصل لهڻ سان انهن سان مسئلا پيدا ڪيا ويندا آهن. واپارين جي هڪ هٽي جي ڪري آبادگارين کي پنهنجي محنت جو اصل معاوضو نه ٿو ملي، ان کان سواءِ آبادگارن کي ڪڻڪ جي لاءِ بارادنو نه ملڻ جون شڪايتون به هونديون آهن، خوراڪ کاتي جون اهڙيون ارھ زورايون وڌڻ ڪري هاري ۽ آبادگار پنهنجي ڪڻڪ اوپن مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته ڪڻڪ جوسرڪاري اگھه 2000 رپيا في مڻ مقرر ڪيو ويو آهي، پر آبادگار 1700 کان ويندي 1800 تي ڪڻڪ وڪرو ڪرڻ لاءِ آتا آھن، جن کي پڻ ڪانٽا واپاري مختلف ٽيڪس ڪٽوتين سان ڦري رھيا آھن، هر سال مارچ ۽ اپريل ۾ هن قسم جي صورتحال پيدا ٿيندي آهي ڪڻڪ لهڻ سان سرڪاري سينٽر دير سان کوليا ويندا آھن ۽ باردانو هڪدم گم ڪيو ويندو آهي،ٿيڻ ته ائين گھرجي ته خوراڪ کاتي طرفان سرڪاري سينٽر کولي ايمانداري سان ڪڻڪ جي آبادگارن ۽ هارين کي باردانو ڏئي ڪڻڪ جي خريداري ڪئي وڃي، خوراڪ کاتي جي ايمانداريءَ سان هارين ۽ آبادگارن کي مناسب اگھه ملڻ گھرجي، ائين ٿيڻ سان انهن ۾ خوشحالي وارو ماحول پيدا ٿي پوندو، ڇو ته سنڌ جا آبادگار ۽ هاري پھريان ئي پنهنجي بنيادي حقن لاءِ پريشان آهن، انھن جي تڪليف جو ازالو صرف وقت سر ڪڻڪ خريد ڪرڻ ۽ مناسب اگهه ڏيڻ آھي.