153

ڪورونا وائرس جي نئين لهر ۽ احتياطي اپائن تي عمل جو سوال…؟؟

ليکڪ: رياض ابڙو

ڪورونا ۽ لاڪ ڊائون جا لامارا سڄي ملڪ کي ورائي ويا آهن، ساڳو خوف، ساڳي پريشاني، ساڳي اڻ تڻ، پر هيل ماڻهو ڄڻ عادي ٿي ويا آهن، ڪورونا جا نقصان ڪيترا به ٿين پر زندگي پوءِ به هلندي ٿي رهي، معنيٰ ڪجهھ به ڪجي پر هاڻي ماڻهن ۾ ڪا ايڏي وڏي خوف واري ڳالهھ نه رهي آهي، انهن ۾ اهي احتياط به ناهن رهيا، معنيٰ سوشل ڊسٽنس ڪجي، بازارين ۾ نه وڃجي، ماسڪ پائي گهمجي، سينيٽائيزر هڻجي، هينڊ گلوز پائجن وغيره وغيره، ڇو ته هاڻي ماڻهن ۾ شروع وارو ڊڄ ۽ خوف ناهي رهيو جو ماڻهو بيزار هجن، ڪورونا کي نظر ۾ رکندي وري سرڪاري پابنديون الڳ آهي جهڙوڪ سمارٽ لاڪ ڊائون، پارشل لاڪ ڊائون، صفا لاڪ ڊائون، گهٽيون ۽ ڳليون وري لاڪ، وري اهي ئي پوليس جا پهرا، بازارون بند، شاديون ڪينسل، سوشل ايڪٽوٽي بند، پر وري ساڳي جاءِ تي دوائن، کاڌي پيتي جي شين وارا دڪان، يا وري اهڙيون لاڳاپيل ايمرجنسي واريون شيون، اڌ جو اڌ اسٽاف ڀلي پوءِ اهو سرڪاري هجي يا پرائيويٽ آفيسن ۾ ايندو يا اچڻ ڏنو ويندو، گهمڻ ڦرڻ جي هنڌن تي مڪمل پابندي يا اهي شام جو ڇهين بجي کان پوءِ بند هوندا، مسجدون، مزارون، درگاهون ۽ پيرن فقيرن جا در به بند هوندا، پر آخر ڇا ڪجي ماڻهو ڪاڏي وڃي؟ جي هٿ ملائي ٿو ته به ڦاسي ٿو، ڪنهن سان ملي ته به مصيبت ۾ يا سوشل ڊسٽينس رکي ٿو ته ماڻهو اکيون ڦاڙي ٿا ڏسن، اهڙي صورتحال ۾ ماڻهو ڇا ڪري؟ جيڪڏهن اسان سڄي دنيا جي صورتحال کي ڏسون ته يورپ جي صورتحال اڃا به خراب ٿي وئي آهي، جيڪا گذريل سال هئي معنيٰ ڦوهارا هڻڻ، ڊيٽول سان روڊ ڌوئڻ وغيره آهي، ان ڪري ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن کي نظر ۾ رکندي اٽلي ۽ فرانس سميت سڄي يورپ ۾ سخت اپاءَ ٿي رهيا آهن، اهي انتهائي قسم جي لاڪ ڊائون لڳائڻ جي ڪوشش ۾ به رڌل آهن، اٽلي جي وزيراعظم ماريو ڊراگهي روم ۽ ميلان جي شهرن کي مڪمل بند ڪرڻ جو به چئي ڇڏيو آهي، جيڪي يورپ جا گهمڻ ڦرڻ جا بهترين هنڌ آهن، پر ڪورونا جي ڪري انهن کي مڪمل لاڪ ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ ته ڪورونا جي پهرين لهر دوران اٽلي فرانس کانپوءِ ٻئي نمبر تي هو، پر هاڻي اٽلي ۾ وري ڪورونا جي اٿل جي ڪري 3.2 ملين ڪيس ٿي چڪا آهن، ان ۾ اهي شامل ناهن جيڪي اسپتالن ۾ يا جيڪي وينٽيليٽرز تي پيا آهن، جيڪي هزار جي تعداد سان روز وڌندا به رهن ٿا،  اهڙي صورتحال تي ته يورپين يونين ۽ ڊبليو ايڇ او کي ڳڻتي آهي جو اهي اٽلي سميت ٻين يورپي ملڪن جي ويڪسين جو پورائو نه ٿا ڪري سگهن، اينگلو سويڊش فارماسيٽيڪل ۽ جائينٽ ايسٽرا زينيڪا جو چوڻ آهي ته انهن جي مٿان ايڪسپورٽ ڪرڻ جون پابنديون ۽ کين ويڪسين اماڻڻ ۾ ٻيا مسئلا به درپيش اچن ٿا جن جي ڪري اهي ايتري تڪڙي ايڪسپورٽ نه ٿا ڪري سگهن يا ان اسپيڊ سان مريضن تائين اهي ويڪسين نه ٿيون پڄي سگهن، جنهن جي ڪري ڪووڊ جي ٻي لهر ۾ تيزي اچي وئي آهي، جيڪا اڳين لهرن کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي، پر ايسٽرا زينيڪا جي ٺاهيل ويڪسين تي ماڻهن جو اعتماد ناهي رهيو، يا ان جي اثر ۾ ڪا گهٽتائي آئي آهي جو هڻڻ سان ماڻهن جي رت ۾ ڳوڙها ٿي ٿا وڃن، پر ڊبليو ايڇ او جي چوڻ ۽ هدايتن مطابق ته ان ڪمپني جي ويڪسين هڻي سگهجي ٿي، ان ۾ ڪو به خطرو يا نقصان ناهي، هتي اهو سوال به پيدا ٿي رهيو آهي ته ويڪسينز وري گهڻن نمونن جون ڇو؟ ڇو ته بحرين، برطانيا، ڪئناڊا، آمريڪا ۽ ميڪسيڪو ته ”فائيزر“ جي ٺاهيل ويڪسين تي يقين ڪن ٿا، وري ان کانپوءِ ”موڊرنا“ لڳي ٿو ته اعتبار جوڳي هوندي، پر حيرت ان ڳالهھ تي به آهي ته هڪ ڪورونا ۽ ويڪسينز ايتري تعداد ۾ ڇو؟ سڀ ويڪسين جي تيارين ۾ الڳ الڳ فارمولي سان ڇو لڳي ويا آهن؟”جي ايس ڪي“ ڪمپنيءَ ان ڳالهھ جي ثابتي ٿي ڏئي ته هنن جي ”ڪوويڪس“ ويڪسين گهڻي موثر آهي، پر مونجهارو اهو به آهي ته هر ملڪ ريسرچ ۾ لڳل آهي، هر ڪمپني نئين تحقيق ڪري پنهنجو فارمولو آزمائڻ ۾ لڳل آهي، هر ويڪسين جي پنهنجي پنهنجي ڪرامت به آهي، وري ”گيوي“ سميت جيڪي به ويڪسين آهن انهن جي رکڻ ۽ پڄائڻ جو عمل انتهائي احتياط وارو ۽ شديد ٿڌ ۾ رکڻ وارو آهي، جنهن جي ٿوري به غلطي سان ويڪسين جي خراب ٿيڻ جا خطرا رهن ٿا، ڇو ته “ايبولا“ جهڙي وائرس ۾ آفريڪي ملڪن جي ان ڪمپنيءَ وڏي مدد ڪئي هئي سا هاڻي به حامي ڀري ٿي ته اها گهڻي ۾ گهڻو مقدار مهيا ڪري سگهي ٿي، جيڪو پڻ فائدي وارو هوندو، اسان وٽ وري گذريل هفتن ۾ ملڪ جي مٿين حصن ۾ ڪووڊ تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، معنيٰ هفتي دوران 5.7 جي ريشو سان واڌ ٿيندي ٿي رهي، اهڙي صورتحال ۾ سوشل ايڪٽوٽي ۽ تعليمي ادارا بند ڪرڻ تي پڻ غور ٿي رهيو آهي، مطلب ته ڪورونا اڳئين سال وانگر سنگين ۽ ڳنڀير ٿي ويو ته اهو ڪنهن جي وس ۾ نه هوندو ته ان تي ضابطو آڻي سگهن، پر اسان وٽ اهڙي صورتحال به آهي جو ويڪسين کان پهرين ماڻهن کي ان بابت سمجهائڻو پوندو آهي، هتي ته ماڻهن کي اڃا تائين پوليو جا ڦڙا پيارڻ ۾ به سخت مشڪلاتون آهن يا جيڪي شهري علائقا آهن انهن ۾ ماڻهن کي اعتبار آڻائي سگهجي ٿو پر انهن آبادين جو ڇا ٿيندو جيڪي ويڪسين کي مڃڻ ۽ لڳرائڻ ۾ وقت وٺندا، پوءِ اهڙي ويڪسين جو ڪهڙو فائدو جيڪا هڪ شهري کي هڻجي ۽ ٻئي هنڌ نه ڪري سگهجي، يا ماڻهو ته اهڙي سائنس کي مڃن ئي نه ٿا، ڇو ته ملڪ جي هڪ حصي ۾ ڪورنا جو هجڻ وري ٻين علائقن کي ٻوڙي سگهي ٿو پوءِ اهڙي ٻٽي معيار ۽ صورتحال ۾ ويڪسين ڪهڙي فائدي واري هوندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو