144

ڪورونا جي ٽئين لهر…

ايڊيٽوريل

ملڪ اندر ڪورونا جي ٽئين لهر تيزي سان ڦهلجي رهي آهي، جنهن ڪري گذريل ٻن ڏهاڙن اندر 100 جي لڳ ڀڳ ماڻهو پنهنجي حياتي وڃائي ويٺا آهن ۽ ڪيترائي ماڻهو هن وائرس جو شڪار ٿي ويا آهن، وزيراعظم عمران خان ۽ سندس گهرواري جي پڻ ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچي وئي آهي، جنهن ڪري وزيراعظم پاڻ کي گهر اندر قرنطينا ڪري ڇڏيو آهي، توڙي جو هن وبا جي ويڪسين به تيار ٿي وئي آهي ۽ اها آمريڪا ۽ چين کان ٿيندي پاڪستان تائين پهتي آهي، پر پوءِ به ڪورونا پنهنجي جاءِ تي ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿو وٺو، حيرت جي ڳالهه اها آهي ته وزيراعظم عمران خان کي ڪورونا جي ويڪسين لڳڻ کانپوءِ به ٽيسٽ مثبت اچي وئي آهي، جنهن ڪري هن ويڪسين تي پڻ سوال اٿي رهيا آهن، حڪومتي ترجمان جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان کي ٿي سگهي ٿو ته ڪورونا اڳ ۾ ئي هجي ۽ ويڪسين لڳڻ کانپوءِ ان جي ٽيسٽ ڪئي وئي آهي، ميڊيڪل جي دنيا سان تعلق رکندڙ ماڻهن جو چوڻ آهي ته هيءَ ويڪسين فوري طور تي ڪورونا تي ڪنٽرول نٿي ڪري ۽ ان کي ڪجهه ٽائيم لڳي ٿو، جنهن کانپوءِ ان جا اثر ظاهر ٿين ٿا، بهرحال ڪجهه به هجي پر ڪورونا پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ۽ اها تيزي سان معاشري ۾ ڦهلجي رهي آهي، بس فرق ايترو ٿيو آهي ته ڪورونا جي شروعاتي ڏينهن ۾ موت جي خوف کان انسان پنهنجي گهرن تائين محدود ٿي ويا هئا ۽ هاڻي اهو خوف ختم ٿي ويو آهي ۽ ماڻهو ڪورونا کي اها اهميت نه ڏئي رهيا آهن، جيڪا شروعاتي ڏينهن ۾ ڏئي رهيا هئا، حڪومتن جي لاتعداد ڪوششن جي باوجود احتياطي اپائن تي ڪو به ڌيان نٿو ڏنو وڃي، حد اها ٿي وئي آهي ته هاڻي ماسڪ ڪورونا کان بچائڻ جو هٿيار گهٽ بلڪه فيشن وڌيڪ ٿي ويو آهي ۽ نت نوان فيشني ماسڪ مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿي رهيا آهن، ان سان گڏاسڪولن کان ويندي آفيسن ۽ بازارن تائين جيڪي ايس او پيز لاڳو ٿيل آهن، ان تي ڪو به عمل ٿي نه رهيو آهي، بس خاموشِي سان ماڻهو هن مرض جو نه فقط پاڻ شڪار ٿي رهيا آهن پر ٻين کي به ان ۾ مبتلا ڪري موت جي منهن ۾ وڃي رهيا آهن، ان سان گڏ ڪورونا ٽيسٽ به هڪ ڪاروبار بڻجي وئي آهي ۽ ائين ڪورونا ٽيسٽ جون رپورٽون جاري ڪيون پيون جيئن ڪنهن دور ۾ نوڪرين لاءِ ميڊيڪل رپورٽون جاري ٿينديون هيون، ڪيترن ئي ملڪن ته ڪورونا ٽيسٽ تي ڪاروبار به شروع ڪري ڇڏيو آهي، اها هڪ انتهائي ڏکائيندڙ ڳالهه آهي، لاڪ ڊائون مان پڻ واسطيدار عملدار خوب فائدو ماڻي رهيا آهن ۽ هن وبا سان هن مهل تائين ڪا به سنجيده جنگ نه وڙهي وئي آهي، جنهن سبب نه هي مرض ختم ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي وري ان مان ماڻهو محفوظ آهن، تنهن ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هر سطح تي هن وبا سان سنجيدگي سان مقابلو ڪيو وڃي ۽ حڪومتون توڙي عوام هڪ ئي پيج تي بيهن ته بهتر ٿيندو، ٻي صورت ۾ ماڻهو ائين ئي خاموشي سان پيا موت جي منهن ۾ ويندا.

ميڊيا رپورٽن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران هن وبا ۾ وڌيڪ 44 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون آهن، 3667 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، پازيٽو ڪيسن جي شرح 8.7 تائين پهچي وئي آهي، ڪورونا جي وڌندڙ اثر سبب اڄ حڪومت طرفان اين سي او سي جو اجلاس پڻ ڪوٺايو ويو آهي، جنهن دوران اهم فيصلا ٿيڻ جو امڪان آهي، پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن لاهور ۽ ٻين تنظيمن جي نمائندن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي مڪمل لاڪ ڊائون جو مطالبو ڪيو آهي، پروفيسر اشرف نظامي جو چوڻ آهي ته ڪورونا جي پازيٽو ڪيسن جي شرح 10 سيڪڙو کان وڌي چڪي آهي. تنهن ڪري حڪومت کي ٻيهر سخت فيصلا ڪرڻا پوندا. بهرحال اها حقيقت آهي ته ڪورونا جي ٽئين لهر تيزي سان ڦهلجي رهي آهي، تنهن ڪري حڪومت کي سنجيدگي سان فيصلا ڪرڻ گهرجن ۽ عوام کي به مڪمل احتياط کان ڪم وٺڻ گهرجي ته جيئن هن وبا کان بچي سگهجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو