ليکڪ: جوناٿن مارڪس
چيني صدر شي جن پنگ جي اعليٰ عهديدارن سان آمريڪي صدر جوبائيڊن انتظاميا جي سينيئر عملدارن جي ملاقات دنيا جي ٻن سپر پاورن وچ ۾ لاهن ۽ چاڙهن سان ڀرپور رشتي ۾ انتهائي اهم سمجهي پئي وڃي، آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن ۽ قومي سلامتي جي صلاحڪار جيڪ سليوان آمريڪي رياست الاسڪا ۾ چيني پرڏيهي وزير وانگ يي ۽ سينيئر سفارتڪار يانگ جيچي سان ملاقات ڪري رهيا آهن، پر ان ملاقات کان اڳ بائيڊن جي ٽيم لاءِ صورتحال انتهائي واضح آهي، ان ملاقات کان اڳ انٽوني بلنڪن ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته هي ڪي اسٽريٽجڪ ڳالهيون نه آهن ۽ هن وقت ماضي ۾ ٿيندڙ معاملن تي به ڳالهه ٻولهه جو ارادو نه آهي پر هن چيو آهي ته ان رخ ۾ ڳالهين جو دور ان وقت شروع ٿيندو جڏهن آمريڪي خدشن تي چين طرفان سٺي اڳڀرائي ۽ مثبت نتيجا سامهون ايندا، گذريل ڪجهه سالن کان آمريڪا ۽ چين جي لاڳاپن ۾ مسلسل ڇڪتاڻ آئي آهي ۽ چيو پيو وڃي ته ماضي ۾ ٻنهي ملڪن جا ايترا خراب لاڳاپا ڪڏهن به نه هئا ۽ ممڪن آهي ته انهن ۾ وڌيڪ خرابي پيدا ٿئي، آمريڪي قومي سلامتي جي صلاحڪار جي عهدي تي مقرري کان اڳ سليوان بائيڊن جي اعليٰ ايشيائي صلاحڪار ڪرٽ ڪيمبل سان گڏ پرڏيهي معاملن جي ميگزين لاءِ هڪ مضمون لکيو هو، جنهن ۾ هن چيو هو ته هاڻ چين سان ڳالهين جو دور مڪمل طور تي ختم ٿي ويو آهي ۽ هاڻ صورتحال ڪجهه ان حد تائين پهچي چڪي آهي ته آمريڪا ۽ چين جي لاڳاپن کي نئين سرد جنگ جي طور تي ڏٺو پيو وڃي.جيڪا اڌ صدي اڳ آمريڪا ۽ روس وچ ۾ ڇڪتاڻ وارن لاڳاپن واري حوالي سان آهي، جنهن 20 هين صدي جي آخري 5 ڏهاڪن ۾ عالمي لاڳاپن ۾ هڪ وڏو اهم ڪردار ادا ڪيو هو.واشنگٽن ۽ بيجنگ وچ ۾ لاڳاپن کي ڪيئن سڃاڻي سگهجي ٿو، ان سوال جو جواب وڏي حد تائين پاليسي جي اختيارن جو معيار طئه ڪري ٿو، ڪجهه رستن کي محدود ۽ ڪجهه رستا بند ڪري ڇڏي ٿو، چيو وڃي ٿو ته اختيارن تي ڳالهيون ڪرڻ، هيٺ مٿانهين کي سمجهڻ ۽ صورتحال کي واضح ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا تاريخي حوالا مددگار ثابت ٿيندا آهن، پر ٻيا اهو به چون ٿا ته ان سان ڪو فائدو نه ٿيندو آهي، ڪيترائي ڀيرا تاريخ پاڻ کي نٿي ورجائي ۽ اختلاف وڌي سگهن ٿا، جيڪڏهن سرد جنگ ٻه طاقتور ملڪن ۽ ٻه سياسي نظامن وچ ۾ تڪرار جي نمائندگي ڪري ٿي ته پوءِ آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ دشمني ۾ آمريڪا ۽ سوويت يونين جي ٽڪراءَ جي گونج ٻڌڻ ۾ اچي ٿي، بائيڊن انتظاميا هلندڙ مهيني ۾ عبوري پرڏيهي پاليسي جي حڪمت عملي جا نوان نوٽ ٺاهيا هئا، جنهن مطابق چين معاشي، سفارتي، فوجي ۽ ٽيڪنيڪي نقطئه نظر سان هڪ امڪاني مخالف آهي، جيڪو مستحڪم ۽ کليل عالمي آرڊر جي مستقل چئلينج تي ڪنٽرول ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. بائيڊن انتظاميا جو اهم نقطو اهو آهي ته جتي ضرورت هجي اتي چين کي چئلينج ڪجي ۽ جتي به ممڪن هجي تعاون ڪجي، ٻئي طرف چين وري هڪ طرف تعميري لاڳاپن لاءِ تيار آهي ته ٻئي طرف هو پنهنجي مفادن کي سامهون رکندي سخت قدمن تي عمل ڪرڻ جي پاليسي به اختيار ڪري رهيو آهي، ڀلي اهو هانگ ڪانگ ۾ جمهوري مظاهرن تي سختي جو مسئلو هجي يا وري چين ۾ مسلم اويغور برادري تي ظلم ۽ ستم هجي، بيجنگ انتظاميا آمريڪي نظام جي خامين مان فائدو کڻڻ جو ڪو به موقعو ضايع نٿي ڪري، ڀلي ڊونلڊ ٽرمپ جو ڪووڊ 19 جي انفيڪشن کي روڪڻ جو غلط طريقو هجي يا هلندڙ سال جنوري ۾ ڪيپيٽل هل تي ٿيندڙ تشدد ۽ هنگاما هجن، چين پاڻ کي هڪ سماجي ۽ معاشي ماڊل ملڪ طور پيش ڪرڻ لاءِ انهن سڀني جو استعمال ڪيو، جيتوڻيڪ سطحي طور تي آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ لاڳاپن کي سرد جنگ سان ڀيٽي سگهجي ٿو، پر ڇا واقعي به ائين ئي آهي؟ سرد جنگ دوران سوويت يونين ۽ ان جي اتحادين کي عالمي معيشت کان ڪٽيو ويو هو ۽ برآمدات تي پابندي لاڳو هئي، ٻئي طرف چين عالمي معيشت جو محور بڻيل آهي ۽ ان جي پنهنجي معيشت وڏي حد تائين آمريڪي معيشت سان لاڳاپيل آهي. آمريڪي ۽ سوويت يونين جي سرد جنگ جو ٽيڪنيڪل رخ انتهائي اهم هو، پهريان هٿيارن جو مقابلو هو ۽ پوءِ خلا ۾ داخل ٿيڻ جي ڊوڙ هئي، هن ڀيري آمريڪا ۽ چين جي نئين سرد جنگ ۾ ٽيڪنالاجي وارو رخ اهم آهي، پر مقابلو مصنوعي ذهانت ۽ فائيو جي ٽيڪنالاجي بابت آهي، سرد جنگ جو ماڊل خطرناڪ آهي، پر هاڻي عالمي منظرنامو به تبديل ٿي ويو آهي، سرد جنگ جي وقت دنيا ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي هئي، جيتوڻيڪ ڪجهه اهم ملڪن جو هڪ جانبدار گروهه به هو ( مغربي دنيا ۾ اهو سوويت نواز حامي سمجهيو ويندو هو) پر هن وقت عالمي حالتون اهڙيون نه آهن، هن وقت سڄي دنيا ۾ لبرل نظام واريون حڪومتون انتهائي ڏکئي دور مان گذري رهيون آهن ۽ اها صورتحال چين کي موقعو فراهم ڪري ٿي ته اها پنهنجي حڪومت واري نظام جي ماڊل کي سڄي دنيا ۾ پکيڙي ۽ اثر رسوخ حاصل ڪري، سرد جنگ جو ماڊل اصلي معنيٰ ۾ انتهائي موثر آهي، سرد جنگ هڪ سياسي جدوجهد هئي، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين هڪٻئي جي قانوني جواز کي رد ڪري ڇڏيو هو، جيتوڻيڪ سرد جنگ دوران آمريڪا ۽ سوويت يونين وچ ۾ ڪو حقيقي ٽڪراءَ به نه ٿيو هو پر اڻ سڌي طرح تڪرار ۾ ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد حياتين تان هٿ ڌوئي ويٺو، حتمي تجزيي ۾ سوويت يونين جي نظام کي شڪست کي منهن ڏيڻو پيو ۽ هاڻ اهو نظام تاريخ ۾ داخل ڪيو ويو آهي، ان جي ڪري ڪيترائي خدشا آهن ته آمريڪا ۽ چين وچ ۾ تڪرار دوران جنوني نظريي بابت ٻنهي طرفن ۾ غلط فهمي پيدا ٿي سگهي ٿي ۽ چين ڪنهن امڪاني شڪست جي خطري کان بچڻ لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو. پر چين سوويت يونين کان گهڻو طاقتور آهي، سوويت يونين پنهنجي دور ۾ آمريڪا جي جي ڊي پي جي 40 سيڪڙو تائين پهچڻ ۾مس ڪامياب ويو هو، ان جي ڀيٽ ۾ چين جي ڊي پي کي ايتري ترقي ڏئي ڇڏي آهي، جيتري ڪجهه ڏهاڪن ۾ آمريڪا ڪئي هئي، چين انهن مخالفن ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقتور آهي، جن جو مقابلو آمريڪا 19 هين صديءَ ۾ ڪيو آهي، ايندڙ ڏهاڪن ۾ هي ٻئي ساڳي پوزيشن تي آهن، سرد جنگ کان وڌيڪ خطرناڪ صورتحال آهي، هونئن هي اسان جي دور جي لازمي دشمني آهي، پراڻن مهاورن ۽ ڪوڙن تاريخي حوالن کي هڪ طرف رکڻ گهرجي، حقيقت ۾ هي سرد جنگ 2 واري صورتحال نه آهي، هي ان کان وڌيڪ خطرناڪ صورتحال آهي، چين ڪيترن ئي ميدانن ۾ آمريڪا جو سڀ کان وڏو مخالف آهي پر هن وقت تائين چين عالمي سپر پاور بڻجي ناهي سگهيو، هو انهن علائقن ۾ آمريڪا لاءِ هڪ وڏي حد تائين فوجي مخالف آهي، جيڪي ان جي پنهنجي سلامتي لاءِ به اهم آهن، چين آمريڪي صدر بائيڊن لاءِ هڪ ڏکيو مسئلو آهي، سندس پنهنجي پرڏيهي پاليسي جا هدف چين سان تڪرار واري صورتحال طرف اشارا ڪن ٿا، آمريڪا چين کان ايشيا بحر الڪاهل جي خطي ۾ موسمياتي تبديلي ۽مضبوطيءَ لاءِ تعاون جي اميد ڪيئن ٿوڪري سگهي جڏهن چين مٿان بهتر ڪاروباري پاليسي، جمهوري قدرن ۽ انساني حقن کي برقرا رکڻ لاءِ دٻاءَ وجهي رهيو آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ مقابلي کي نه ته گهٽ سمجهڻ گهرجي، نه ئي ان ۾ ڪنهن وڌاءَ ڪرڻ جي ضرورت آهي، اهو تصور به ڪيو پيو وڃي ته چين اڀري رهيو آهي ۽ آمريڪا پوئتي آهي، هي هڪ اهڙوڪمزور جملو آهي، جنهن ۾ حقيقت جو عنصربه موجود آهي، پر اها پوري تصوير نه آهي.ڇا آمريڪا ٽرمپ جي دور جي آثارن مان نڪري پنهنجي جمهوريت کي بحال ڪري سگهندو؟ ڇا هو پنهنجي اتحادين کي اعتماد ڏياريندو ته آمريڪا مستقل، قابل اعتماد ڀائيوار جي حيثيت سان عالمي ميدان تي بيٺو رهندو؟ ۽ ڇا آمريڪا پنهنجي تعليمي ۽ ٽيڪنيڪي اڏن جو دائرو تيزي سان وڌائي سگهندو؟ بيجنگ انتظاميا واشنگٽن انتظاميا مٿان ڪيترن ئي طريقن سان برتري حاصل ڪئي آهي، پر ڇا ان جي آمراڻي انداز ان جي معاشي اڳڀرائي کي متاثر ڪيو آهي؟ ڇا چين معيشت ۾ سستي ۽ وڌندڙ پوڙهن جي آبادي واري مسئلي کي حل ڪرڻ جي قابل ٿي ويندو؟ ۽ ڇا چين جي ڪميونسٽ پارٽي ڊگهي عرصي تائين چين جي عوام جي حمايت ۽ اعتماد حاصل ڪندي رهندي؟ چين جا انتهائي مضبوط رخ ۽ ڪيتريون ئي ڪمزوريون به آهن، پر هڪ انتهائي وڏو متحرڪ معاشرو به آهي، جيڪو پاڻ کي نئين سري سان ڳولڻ جي قابل آهي، ڪووڊ 19 جي وبا اهو ظاهر ڪيو آهي ته اها ڳالهه بلڪل واضح آهي ته چين ۾ جيڪو ٿئي ٿو اهو صرف چين ۾ ئي نٿو ٿئي، چين هڪ عالمي طاقت آهي ۽ اتان جو معاملو پوري دنيا کي متاثر ڪري ٿو، ان تناظر ۾ دنيا کي تيار رهڻ گهرجي، آمريڪا ۽ چين جي لاڳاپن ۾ لاهن ۽ چاڙهن جو رستو آهي ۽ اڃا هاڻ هاڻ ان جي شروعات ٿي آهي.