270

سنڌي ڊرامن جو ناليوارو آرٽسٽ محمد امين سولنگي ڇهن سالن کان اکين جي نور کان محروم، واهر جي اپيل

گلشن اقبال(ن سوڀ) سنڌي ڊرامن جو ناليوارو آرٽسٽ محمد امين سولنگي ڇهن سالن کان اکين جي نور کان محروم ٿي ويو آهي ۽ بيماري بعد بيروزگاري سبب سندس خاندان فاقا ڪشي ڪٽڻ  تي مجبور آهي، ثقافت کاتي توڙي ڪنهن به وس واري سندس ڪا سار نه لڌي آهي. محمد امين سولنگي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آئون 250 کان وڌيڪ ڊرامن ۾ ڪم ڪري چڪو آهيان، جيڪي پي ٽي وي سميت نجي چئنلن ۽ ريڊيو تي هلي چڪا آهن، گذريل ڇهن کان پراسرار بيماري ۾  آهستي آهستي نظر ختم ٿي وئي آهي، هاڻ ڪم ڪرڻ کان قاصر آهيان، ثقافت کاتو نوٽيس وٺي. امين سولنگي جي نياڻين انيلا سولنگي ۽ خوشبو سولنگي  احتجاج ڪندي چيو ته بابا سائين جو علاج نه ڪرائڻ ناانصافي آهي، بابا فنون لطيفا کي سڄي حياتي ڏني آهي، ان ڪري سندس سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي ته جيئن هو اسان کي وري پنهنجي نور سان ڏسي سگهي ۽ ڪمائي اسان جي ڪفالت ڪري سگهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو