185

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جو ظلم ختم نه ٿيو، وڌيڪ 4 ڪشميري نوجوان شهيد

سرينگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جو ظلم جاري آهي، سيڪيورٽي فورسز وڌيڪ 4 ڪشميري نوجوانن کي سرچ آپريشن جي آڙ ۾ شهيد ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽن مطابق قابض ڀارتي فوج والاريل ڪشميري ۾ رياستي دهشتگردي جو مظاهرو ڪندي شوپيان جي علائقي ۾ 4 نوجوانن کي شهيد ڪيو، شهيدن ٿيندڙن جي هن وقت تائين سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، جڏهن ته علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو