راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ڪورونا وائرس پکڙجڻ جي خدشي کي نظر ۾ رکندي ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي ڏنڊ سان گڏ گرفتاري به ٿي سگهي ٿي. ڪورونا وائرس جي ٽئين لهر بابت گهرو وزير شيخ رشيد جو وڊيو بيان سامهون آيو آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ٽئين لهر تمام تيزيءَ سان پکڙجي رهي آهي، اسان سڀني تي فرض آهي ته گڏجي ڪورونا خلاف ويڙهه ڪريون، واپاري هفتي ۾ 2 ڏينهن پنهنجا ڪاروبار بند رکن، عوام ماسڪ جو استعمال ڪري، هٿن کي سينيٽائيزر ڪري ۽ ميڙ ۾ وڃڻ کان پاسو ڪري. هن چيو ته اين سي او سي جي هدايتن مطابق اسلام آباد ۾ قلم 144 لاڳو آهي، ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي ڏنڊ سان گڏ گرفتاري به ٿي سگهي ٿي.
135