برسلز (ويب ڊيسڪ) يورپي يونين جي سربراهه چيو آهي ته ڪورونا ويڪسين جي فراهمي ۾ دير مان لڳي ٿو ته غريب ملڪن کي ايترو جلدي ڪورونا ويڪسين عطيو نٿي ٿي سگهي. يورپي يونين جي سربراهه ارسلا فان ڊير لاين ڪورونا ويڪسين جي خوراڪ جي فراهمي جي دير تي اينگلو سوئيڊش ويڪسين تيار ڪندڙ ڪمپني ايسٽرا زينيڪا کي هڪ ڀيرو ٻيهر تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. هن چيو ته ان صورتحال ۾ جڏهن يورپي بلاڪ کي ئي ويڪسين جي فراهمي ۾ ڏکيائي درپيش آهي ته اهڙي صورتحال ۾ غريب ملڪن کي ويڪسين عطيو نٿي ڪري سگهجي. هن چيو ته جيستائين يورپ ۾ ويڪسين جي پيداوار واري شرح ۾ بهتري نٿي اچي تيستائين ويڪسين کي ايڪسپورٽ نه ڪيو ويندو. برطانيا اهڙي بيان کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته ان سان يورپي يونين جي ساک خراب ٿيندي.
173