263

وڊيو اسڪينڊل: يوسف رضا گيلاني خلاف نااهلي واري درخواست تي ٻڌڻي 5 اپريل تائين ملتوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن يوسف رضا گيلاني خلاف ويڊيو اسڪينڊل تي نااهلي جي درخواست جي ٻڌڻي 5 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن جي پنجاب جي ميمبر الطاف ابراهيم قريشي جي سربراهي ۾ چئن ميمبرن واري بينچ فرخ حبيب، ڪنول شوذب ۽ مليڪه بخاري طرفان يوسف رضا گيلاني ۽ سندس پٽ پنجاب اسيمبلي جي ميمبر علي حيدر گيلاني خلاف سينيٽ چونڊن لاءِ ووٽن جي خريد ۽ وڪري تي ڪارروائي جي داخل درخواستن تي ٻڌڻي ٿي. پي ٽي آءِ طرفان ان موقعي تي نئين درخواست داخل ڪئي وئي جنهن کي ڪيس جو حصو بڻايو ويو. تحريڪ انصاف ويڊيو ۾ ڏيکاريل ٻن ايم اين ايز جميل احمد ۽ فهيم خان کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته اهي ٻئي ايم اين ايز گواهه آهن. ان موقعي تي تحريڪ انصاف طرفان درخواست ڏيندڙ فرخ حبيب ۽ مليڪه بخاري پيش ٿيا  ۽ سينيٽر يوسف رضا گيلاني ۽ علي حيدر گيلاني جا وڪيل پيش ٿيا. ان موقعي تي دليل ڏيندي مليڪه بخاري چيو ته آئيني ادارو پنهنجون ذميواريون صحيح طريقي سان ادا نٿو ڪري سگهي، ووٽ جي تقدس لاءِ ان جنگ کي جاري رکنداسين، اسان ويڊيوز ۽ ٻيا ثبوت پيش ڪري ڇڏيا آهن. ڪميشن جي هدايت تي گواهن کي ڌر بڻايو ويو آهي. ان موقعي تي ميمبر ارشاد قيصر پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن جي حڪم تي عمل ناهي ٿيو. مليڪه بخاري چيو ته چونڊ عمل ۾ شفافيت يقيني بڻائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري ٻڻجي ٿي، اليڪشن ڪميشن جي اها ذميواري آهي ته هو پتو لڳائي ته ويڊيو ۾ نظر ايندڙ ايم اين ايز ڪير آهن. يوسف رضا گيلاني جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته اها درخواست خارج ڪئي وڃي. ان تي ڪميشن هدايت ڪئي ته ان بابت لکت ۾ دليل ڪميشن وٽ جمع ڪرايا وڃن. اليڪشن ڪميشن يوسف رضا گيلاني کان جواب طلب ڪندي ٻڌڻي 5 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو