ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اليڪشن ڪمشنر ڪراچي ۾ 29 اپريل تي ٿيندڙ ضمني اليڪشن جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو آهي. جاري ڪيل بيان موجب اين اي 249 ڪراچي اولهه 2 جي ضمني چونڊ جي نامزدگي ڪاغذن جي جاچ پڙتال 25 مارچ 2021ع خميس ڏينهن تائين ٿيندي، جڏهن ته رٽرننگ آفيسر جي فيصلن خلاف اپيل جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 29 مارچ سومر ۽ ايپلٽ ٽربيونل ۾ اپيل جي فيصلن جي آخري تاريخ 5 اپريل رکي وئي آهي، اميدوارن پاران نالا واپس وٺڻ جي آخري تاريخ 7 اپريل 2021 تائين جڏهن ته اميدوارن کي چونڊ نشان 8 اپريل تي الاٽ ڪيا ويندا. پولنگ 29 اپريل 2021 خميس ڏينهن ٿيندي.
177