173

پاڪ فوج 23 مارچ تي ٿيندڙ پريڊ ملتوي ڪري ڇڏي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)پاڪ فوج  خراب موسم ۽ برساتن سبب 23 مارچ تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ پريڊ ملتوي ڪري ڇڏي آهي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر مطابق 23 مارچ واري پريڊ خراب موسم سبب ري شيڊول ڪئي وئي آهي ۽ يوم پاڪستان جي پريڊ هاڻي 25 مارچ تي ٿيندي، هٿياربند فوجن جي پريڊ مقرر وقت تي شڪرپڙيان ۾ ٿيندي. واضح رهي ته پاڪستان جي ڏهاڙي 23 مارچ تي هر سال شڪرپڙيان گرائونڊ اسلام آباد ۾ هٿياربند فوج جي شاندار پريڊ منعقد ڪرائي ويندي آهي، هن سال به هٿياربند فوجن پريڊ لاءِ ڀرپور تياريون ڪيون آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو