220

سڄي ملڪ ۾ پاڪستان جو ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، ريليون ۽ تقريبون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ پاڪستان جو ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، ان سلسلي ۾ مختلف هنڌن تي ريليون ڪڍيون ويون ۽ تقريبون پڻ ڪوٺايون ويون آهن. اڄ جو ڏينهن 23 مارچ 1940ع تي  آل انڊيا مسلم ليگ جي اجلاس ۾ منظور ڪيل ٺهراءَ جي ياد ۾ ملهايو ويندو آهي، جنهن جي روشني ۾ برصغير جي مسلمانن کي پنهنجو هڪ الڳ ملڪ مليو، ڄاڻايل ٺهراءَ لاهور جي منٽو پارڪ ۾ پيش ڪئي وئي، جتي ان جي ياد ۾ مينار پاڪستان جوڙيو ويو آهي. يوم پاڪستان جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي، هن ڏينهن جي شروعات وفاقي گادي واري هنڌ ۾ 31 ۽ صوبن جي گادي وارن هنڌن ۾ 21-21 توپن جي سلامي سان ڪئي وئي، فجر جي نماز وقت ملڪ جي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ خاص دعائون گهروين ويون. ملڪ ۾ يوم پاڪستان جي سلسلي ۾ ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪندي تقريبون ڪوٺايون پيون وڃن. سرڪاري ۽ خانگي عمارتن تي قومي جهنڊو ڦڙڪايو پيو وڃي، جڏهن ته سرڪاري ۽ خانگي ٽي وي چئنلز ۽ ريڊيو اسٽيشنز تي يوم پاڪستان جي مناسبت سان خاص پروگرام نشر ڪيا پيا وڃن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو