اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هر ادارو پنهنجي آئيني دائري ۾ رهي مينڊيٽ مطابق ڪم ڪري. پاڪستان ڏهاڙي جي مناسبت سان جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته انصاف ۽ برابري تي ٻڌل هڪ جمهوري سماج، اهو بنيادي اصول هو جنهن تي هي ملڪ قائم ڪيو ويو، پر اسان معاشي، سياسي ۽ معاشرتي ڌٻڻ ۾ ڦاسجندا پيا وڃون، ان مان اهو واضح ٿئي ٿو ته اسان قائداعظم محمد علي جناح ۽ ان جي ساٿين جي عظيم تعليم کي وساري ڇڏيو آهي، قائداعظم محمد علي جناح جي سرواڻي ۾ آزادي واري تحريڪ کي به سياسي انجنيئرنگ ذريعي نشانو بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان برابري تي ٻڌل هڪ ملڪ ۽ اسلامي ملڪن لاءِ هڪ رول ماڊل رڳو هڪ صورت ۾ بڻجي سگهي ٿو ۽ اهو هي آهي ته پاڪستان ان حقيقي نظريي تي عمل ڪري جنهن جي بنياد تي هي ملڪ وجود ۾ آيو، اڳيان وڌڻ جو اهو ئي رستو آهي ته آئين جي بالادستي ۽ حقيقي جمهوريت هجي ۽ هر ادارو پنهنجي آئيني دائري ۾ رهي مينڊيٽ مطابق ڪم ڪري.
124