226

اوقاف کاتي پاران سنڌ ۾ درگاهون ٻيهر کولڻ جو حڪم، نوٽيفڪيشن جاري، ايس او پيز تي عمل جي هدايت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اوقاف کاتي سڄي صوبي ۾ سموريون درگاهون ۽ مزارون ٻيهر کولڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. اوقاف کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق زائرين ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ ايس او پيز تي مڪمل عمل ڪن. سنڌ جي اوقاف کاتي جي صوبائي وزير سهيل انور سيال چيو ته زائرين ماسڪ لازمي پائين ۽ پنهنجن پيارن جي زندگي جو تحفظ ڪن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو