168

پاڪستان جو ڏهاڙو: آمريڪي صدر جوبائيڊن جو صدر مملڪت عارف علوي کي خط، قوم کي مبارڪون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر جوبائيڊن پاڪستان جي ڏهاڙي تي صدر مملڪت عارف علوي کي خط لکي مبارڪباد ڏني آهي. آمريڪي صدر جوبائيڊن پنهنجي خط ۾ يوم پاڪستان جي موقعي تي پاڪستاني قوم کي به مبارڪباد پيش ڪئي. خط ۾ چيو ويو ته پاڪستان آمريڪا پارٽنرشپ علائقائي امن ۽ خوشحالي جي گڏيل مقصدن تي ٻڌل آهي ۽ گڏيل چئلينجن لاءِ سهڪار جاري رکنداسين. آمريڪي صدر پنهنجي خط ۾ وڌيڪ چيو ته افغانستان ۾ امن جي قيام، ڪورونا وبا ۽ ماحولياتي تبديلي تي ضابطو آڻڻ لاءِ سهڪار جاري رکنداسين، اسان پاڪستان سان گڏ شراڪتداري کي مستقبل ۾ اڃا وڌيڪ مضبوط بڻائينداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو