220

راولپنڊي ۾ 9 ورهين جي ٻارڙي زيادتيءَ کانپوءِ قتل، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو، جوابدار گرفتار ڪرڻ جو مطالبو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي ۾ 9 ورهين جي ٻارڙي کي زيادتيءَ کانپوءِ قتل ڪيو ويو آهي، وارثن ٻارڙي جو لاش رکي ڌرڻو هڻي جوابدار گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. رپورٽن مطابق راولپنڊي جي ٿاڻي سول لائنز واري علائقي ۾ 9 ورهين جي زينب کي زيادتيءَ کانپوءِ قتل ڪيو ويو، واقعي خلاف معصوم ٻارڙي جو لاش ٿاڻي آڏو رکي ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي سبب ايئرپورٽ روڊ بلاڪ ٿي ويو. ڌرڻي دوران مظاهرين ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون پڻ ٿيون، مظاهرين ٻارِڙي سان زيادتي ۽ قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو. ٻئي پاسي آءِ جي پنجاب واقعي جو نوٽيس وٺندي آر پي او راولپنڊي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو