ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) يوم پاڪستان جي موقعي تي مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ رنگارنگ تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب کي خطاب ڪندي مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي چيو ته يوم پاڪستان تي ملڪ جي مسئلن جي حل لاءِ سوچڻ گهرجي، مسئلن جا حل تلاشڻ گهرجن، ملڪ ۾ انصاف ۽ برابري لاءِ قوم کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي وڌيڪ چيو ته پنهنجي ملڪ کي مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ اسان کي محمد علي جناح جي نظرئي ۽ سوچ جي روح کي ملڪ تي لاڳو ڪرڻو پوندو. وائيس چانسلر چيو ته برابري ۽ انصاف کانسواءِ ملڪ تڪڙي ترقي نٿو ڪري سگهي. ان موقعي تي تقريب کي مهراڻ يونيورسٽي جي رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر عبدالوحيد عمراڻي، مهراڻ يونيورسٽي جي مختلف شعبن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پڻ خطاب ڪيو. تقريب ۾ ٿيل تقريري مقابلو کٽيندڙ شاگردن ۾ مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي پاران انعام ورهايا ويا. يوم پاڪستان جي ڏهاڙي جي مناسبت سان ٿيل تقريب ۾ مهراڻ يونيورسٽي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر خان محمد بروهي، ڊين پروفيسر ڊاڪٽر خانجي هريجن، انگلش لئنگويج ڊوالپمينٽ سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر حبيب الله پٺاڻ سميت شاگردن شرڪت ڪئي.
379