168

مانجهند ڀرسان انڊس هاءِ وي تي مدئجي کان ڪراچي ويندڙ ڪوچ ڪلٽي، هڪ عورت فوت، 30 ڄڻا زخمي

سن (ن سوڀ)مانجھند ويجھو انڊس هاءِ وي روڊ تي  تيز رفتار مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت ۽ 30 مسافر سخت زخمي ٿي پيا آهن. مانجهند ڀرسان انڊس هاءِ وي روڊ تي ٽوڙهي ڦاٽڪ وٽ لاڙڪاڻي کان ڪراچي طرف ويندڙ تيز رفتار مسافر ڪوچ  گڏهه گاڏي کي بچائيندي ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 18 ورهين جي آسيه ڌيءَ شبير ابڙو ٿڏي تي  فوت ٿي وئي، جڏهن ته عورتن ۽ ٻارڙن سميت 30 مسافر سخت زخمي ٿي پيا آهن، جن ۾ مسمات زرينه ڪلهوڙو، عبدالجبار شيخ،  مسمات اختيار بيگم،  مسمات اميران چنا،  زاهد چنا، مسمات شازيه ابڙو،  داشان ابڙو، مسمات ممتاز ابڙو،  11ورهين جو ظهير ابڙو، حسينا ابڙو، نثاران ميتلو، مسمات حور خاتون چنا، 3 ورهين جي آمنه چنا، حسين بخش چنا، آصف ابڙو، رابعا ڪوري، اڪيره ڪلهوڙو، ارباب ڪلهوڙو، فياض ڪلهوڙو  ۽ ٻيا شامل آهن،  مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ تي  عورتن ۽ ٻارڙن ۾ ڪيهاٽ  پئجي ويا، زخمين کي راهه وٺي ويندڙ مسافرن پنهنجي خانگي گاڏين ۾  تعلقي اسپتال مانجهند پهچايو جتي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي پر اسپتال ۾ طبي امداد کان سواءِ وڌيڪ علاج جون بهتر سهولتون نه هجڻ جي ڪري زخمي اسپتال ۾ تڙپندا رهيا، جنهن کان پوءِ خانگي گاڏيون گھرائي سمورن زخمين کي لمس ڄامشورو ۽ سول اسپتال حيدرآباد ڏانهن  منتقل ڪيو ويو، زخمين مان  پنج مسافرن  جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، سمورا زخمي مدئجي جا رهواسي ٻڌايا پيا وڃن، جيڪي ڪراچي ويا پئي ته ساڻن حادثو پيش آيو، مانجهند پوليس حادثي واري هنڌ پهچي حادثي جو شڪار مسافر ڪوچ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو  آهي. مانجھند پوليس پاران حادثي جو سبب ڊرائيور کي ننڊ جو جھوٽو اچڻ ٻڌايو پيو وڃي. واضح رهي ته انڊس هاءِ وي روڊ جو تعميراتي ڪم گذريل پنجن مهينن کان بند هجڻ سبب ڄامشورو _سيوهڻ روڊ وڌيڪ خطرناڪ بڻجي ويو آهي، هن روڊ تي حادثا روز جو معمول بڻيل آهن، 24 ڪلاڪ موٽروي پوليس هجڻ باوجود حادثن تي ضابطو اچي ناهي سگهيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو