235

براڊ شيٽ اسڪينڊل جي جاچ رپورٽ وزيراعظم حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) براڊ شيٽ اسڪينڊل جي جاچ رپورٽ وزيراعظم عمران خان کي پيش ڪئي وئي آهي. ذريعن مطابق وزيراعظم عمران خان جي قانوني ٽيم کيس براڊ شيٽ اسڪينڊل جي رپورٽ پيش ڪئي، جنهن تي وزيراعظم ڄاڻايل رپورٽ ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ذريعن مطابق رپورٽ ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي ۽ ڪابينا ان جو جائزو وٺي رپورٽ پبلڪ ڪرڻ جي منظوري ڏيندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو