219

شاهپورجهانيان ڀرسان قومي شاهراهه تي تيز رفتار ڪوچ جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، مزدوري لاءِ ويندڙ 2 پورهيت فوت

نوان جتوئي (رپورٽ: گلاب بهڻ) شاهپورجهانيان ڀرسان قومي شاهراهه تي تيز رفتار ڪوچ موٽرسائيڪل سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا 54 ورهين جو جان محمد سولنگي ۽ 25 ورهين جو زاهد سولنگي ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ ڄڻو 25 ورهين جو تسليم ٻگهيو سخت زخمي ٿي پيو، فوتين جا لاش ۽ زخمي کي شاهپورجهانيان اسپتال پهچايو ويو، جتي زخمي جي حالت نازڪ هجڻ ڪري کيس نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس  ڪوچ ۽  ڊرائيور کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو آهي، فوتي پاڻ ۾ چاچو ڀائٽيو ٻڌايا پيا وڃن، جيڪي مزدوري ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته ساڻن حادثو پيش آيو، فوتي  شاهپورجهانيان ڀرسان ڳوٺ ڪريم بخش سولنگي جا رھواسي آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو