ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ايئرپورٽ تي فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) جي آفيسر پاران بحرين کان ايندڙ ناري کي حراسان ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ايف آءِ اي جي سب انسپيڪٽر سنجي 15 ورهين جي ناري کان موبائل نمبر ۽ مٺائي گهري، ناري پاران نمبر نه ڏيڻ تي ايف آءِ اي آفيسر کيس حراسان ڪيو. ايف آءِ اي ڊائريڪٽر عامر فاروقي معاملي جو نوٽيس وٺندي سب انسپيڪٽر سنجي کي معطل ڪري ڇڏيو. ايف آءِ اي ڊائريڪٽر عامر فاروقي چيو ته واقعي جي مڪمل جاچ ڪئي ويندي ۽ ملوث آفيسر کي معطل ڪيو ويو آهي، الزام صحيح ثابت ٿيا ته سخت ڪارروائي ڪبي.
229