ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪاره مٿيرا چيو آهي ته اهو سچ چوندي آهيان جيڪو ٻيو ڪو نٿو چوي، عورت ۽ مرد هڪٻئي کي مڪمل ڪن ٿا. پرڏيهي ويب سائيٽ کي ڏنل انٽرويو ۾ مٿيرا وڌيڪ چيو ته فيمنزم سٺي شيءَ آهي، عورت مارچ ته ٺيڪ آهي پر ان مارچ دوران پلي ڪارڊن ۾ جيڪي ڳالهيون لکيل هونديون آهن انهن مان ڪجهه ٺيڪ ناهن هونديون، عورت ۽ مرد هڪٻئي کي مڪمل ڪن ٿا، ڪو هڪٻئي کان بالاتر ناهي. هميشه تڪرارن جي ور چڙهيل هجڻ بابت سوال تي مٿيرا چيو ته مان سچيون ڳالهيون ڪندي آهيان، مان اهو سچ چوندي آهيان جيڪو ٻيو ڪو ناهي چوندو، ماڻهو جن ڳالهين کي لڪائيندا آهن مان اهو ڳالهائيندي آهيان، ماڻهو هاڻي ڳالهين کي لڪائيندا آهن ۽ جڏهن اهي ڳالهيون سامهون اينديون آهن ته ان کي هضم ڪرڻ مشڪل بڻجي ويندو آهي. مٿيرا چيو ته ڪيريئر دوران امتحان ايندا رهندا آهن ۽ مختلف معاملا شهرت جا سبب بڻيا، انسان کي جڏهن شهرت ملندي آهي ته ان کي خبر ناهي پوندي ۽ جڏهن ناهي ملڻي هوندي ته ڀلي ننهن چوٽي جا زور لڳايو ته به نه ملندي.
243