ليکڪ: محمد حنيف رُڪ
جديد دنيا ڊاڪٽر ايني بيسنت، پهرين آڪٽوبر 1847ع ڌاري انگلنڊ ۾ ڄائي، ابتدائي تعليم کان پوءِ هن ويهن سالن جي عمر ۾ هڪ ڪرسچن پادري سان شادي ڪئي، پر اهو رشتو 6 سالن کان وڌيڪ هلي نه سگهيو. ان پادري مان کيس ٻه ٻار هئا جن جي سار سنڀال هِن وٽ ئي رهي. هن پنهنجي سماجي ڪم جي شروعات مزدورن کي منظم ڪرڻ سان ڪئي، انهن سان هِن جو رشتو اهو ئي هو جيڪو مزدور جو مزدور سان هوندو آهي. 1874ع ۾ هن جي واقفيت انگلينڊ جي مشهور ملڪي ليڊر پارليامينٽ جي ميمبر چارلس براڊ لا سان ٿي، جيڪو ملڪي ۽ غير ملڪي مزدور طبقي جو خيرخواهه ۽ اڳواڻ هو، جنهن هن کي پنهنجي اخبار ”نيشنل رفارمر“ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ڪري رکيو. هن پنهنجي تصنيفي ڪم جي شروعات مسٽر براڊ لا سان گڏجي هڪ ڪتابچي ” ڄم روڪ“ برٿ ڪنٽرول کان ڪئي، جڏهن هن جو خيال سوشلزم طرف ويو ته هوءَ ” فيبئن سوسائٽيءَ“ ۾ شامل ٿي، هيءَ اها ئي سوسائٽي آهي جنهن ۾ جارج برنارڊ شا، سي.اي.ايم، ۽ انگلنڊ جي ٻين نالي وارن مشهور عالمن حصو ورتو ۽ ليبر پارٽي به انهي جماعت جي پيداوار آهي. هن ان سوسائٽي ۾ ڪم دوران انگلنڊ جي ماڻهن ۾ سوشلزم جي پرچار ڪرڻ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ سوشلزم جي حق ۾ کوڙ سارا ننڍا ننڍا رسالا لکيا ۽ ڇپرايا، ان سوسائٽيءَ ۾ هن چوڏنهن سال ڪم ڪيو. 12مئي 1889ع ڌاري هوءَ مئڊم بلئو ٽسڪي جي جوڙيل ٿياسافيڪل سوسائٽي ۾ شامل ٿي. هيءَ سوسائٽي اهڙن لاڪوفي ماڻهن جي جماعت هئي، جي روحاني قدرن تي انسانذات جي اتحاد ، امن ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪرڻ جا حامي هئا، انهن جو خيال هو ته مغرب جي وڌندڙ ماده پرستي (مٽيريلزم) ۽ مشرق جي روحانيت کي گڏي، ظاهري ۽ باطني تعليم جو جيڪو مرڪب نسخو جڙندو اهو ئي انسانذات جي سڀني مرضن جو علاج آهي. ان لاءِ هنن هيٺيان ٽي نقطه پيش ڪيا هئا. (1) ذات پات، رنگ نسل، قوم ۽ مذهب کان بالاتر مخلص ماڻهن جو عالمي مرڪز قائم ڪرڻ، (2) مختلف مذهبن ، فلاسافي ۽ سائنس جي ڳولها ڪري انهن مان حقيقت پرکڻ، (3) مافوق الفطرت قانون ۽ انسان ۾ لڪل لُدني (مخفي) علم ڳولها ڪرڻ، هن جماعت جو ميمبر ڪنهن به مخصوص مذهبي عقيدي جو پابند نه هو، هر ميمبر پنهنجي پنهنجي عقيدي رکڻ جو حق رکيو ٿي، هر ميمبر کي مختلف عقيدن ۽ مذهبن جي پوئلڳن سان گڏجي رواداريءَ جي اصول تحت گڏيل مقصد جي حصول لاءِ ڪوشش ڪرڻي هئي، هن سوسائٽي جو اهو مڃڻ هو ته هر مذهب، هر فلسفي ۽ سائنس جو بنياد علم ڪُل آهي . ڪانگريس ڊسمبر 1885ع جو باني ”مسٽر ايلن اوڪٽيوين هيوم“ به هن جماعت جو ميمبر هو ۽ هن جو ڪانگريس ٺاهڻ جو مقصد به پڻ اهوئي هو جيڪو ٿياسافيڪل سوسائٽي جو هو. ٻن سالن بعد 15 آگسٽ 1891ع تي سوسائٽي طرفان هن کي هندستان وڃي ڪم ڪرڻ لاءِ چيو ويو ۽ هيءَ 16 نومبر 1893 تي ٽيو ٽيڪورن (مدراس) پهتي، جتان بعد ۾ 15 مارچ 1894ع ۾ بمبئي آئي. هن سوسائٽي جي پرچار سان گڏ هندوستان جي تعليم ۾ به دلچسپي ورتي، هن هندستان جي قديم مذهبي ۽ علمي مرڪز بنارس اچي گهر ڪيو، جتي هن جولاءِ 1898ع ۾ ويدڪ ڪاليج قائم ڪيو جو اڳتي هلي سينٽرل هندو ڪاليج بڻيو. هيءَ 1907ع ۾ ٿياسافيڪل سوسائٽي جي صدر چونڊجي وئي، مرڻ گهڙي تائين هوءَ انهيءَ عهدي تي رهي ۽ پنهنجو خدمتون سرانجام ڏيندي رهي. هن جو سياست ۾ اچڻ جو مقصد اهوئي هو جيڪو ٿياسافيڪل سوسائٽي جو مقصد هو. 1917ع ۾ هوءَ آل انڊيا ڪانگريس جي صدر مقرر ڪئي وئي. هن پنهنجي سڄي عمر اوڀر ۽ اولهه جي ماڻهن کي گڏڻ، امن عالم ۽ ترقيءَ بني نوع انسان لاءِ جدوجهد ڪندي گذاري، هن ان ڏس ۾ لاتعداد تڪليفون سٺيون، جيل ڪاٽيا ۽ برٽش حڪومت جون نظربنديون قبوليون، پر پنهنجي مقصد تان ڪڏهن به نه هٽي. هيءَ انگلينڊ ڄائي لاڪوفي مائي جنهن کي تاريخ ۾ هندوستان جي محبوبِ وطن عورت سان ياد ڪيو ويندو آهي، تنهن 20 سيپٽمبر 1933ع ڌاري 85 ورهين ۾ مدراس ۾ وفات ڪئي، هن جو آخري رسمون بنارس (جنهن کي هوءَ تاحيات دلي طور پنهنجو گهر مڃيندي هئي) ۾ پوريون ڪيون ويون ۽ ايئن هيءَ ٻن صدين جي جدوجهد جي علامت پنهنجي پڄاڻي تي پهتي.