205

23 مارچ پاڪستان جي قرارداد جو ڏينهن…

ليکڪ: ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل

ٻي مهاڀاري ويڙهه جو آغاز (سيپٽمبر 1939) دراصل انگريزي سلطنت جي زوال جو سال هو.  ڪانگريس جڏهن ڏٺو ته انگريز ٻي مهاڀاري لڙائي جي ڪري مشڪل ۾ ڦاٿل آهي ته حالتن مان فائدو  وٺندي هندستان کي آزاد ڪرائڻ جي جدوجهد تيز ڪري ڇڏي. مسلمان ڪانگريسي وزارت واري دور ۾ ٿيل ظلم ۽ زيادتين کان بخوبي واقف هئا. تنهنڪري هو ڪنهن به صورت ۾ انهي لاءِ تيار نه هئا ته انگريز وڃڻ وقت اقتدار هندن جي حوالي ڪري وڃن تنهنڪري مسلم ليگ مارچ 1940ع ۾ اجلاس سڏايو ته جيئن مستقبل جي حڪمت عملي ٺاهي وڃي، مسلمانن اهو بخوبي ڄاتو ٿي ته هندو راڄ سان مسلمانن جي تهذيب، ثقافت، تاريخ، ٻولي ۽ مذهبي قدرن ايستائين جو مسلمانن جي الڳ وجود جو به خاتمو ٿي ويندو. ۽ مسلمانن کي گڏيل هندستان ۾ اڇوتن کان به گهٽ درجو ڏنو ويندو. ان ڪري 23 مارچ 1940ع جو ڏينهن هندو پاڪ جي تاريخ جو هڪ اهم ڏينهن آهي، ڇاڪاڻ ته انهي ڏينهن تي هندستان جي مسلمانن پهريون ڀيرو باقاعدي پنهنجي لاءِ ڌار وطن جو مطالبو ڪيو.22  مارچ 1940ع تي لاهور جي مشهور منٽو پارڪ ۾ جنهن کي اڄڪلهه اقبال پارڪ جو نالو ڏنو وڃي ٿو، آل انڊيا مسلم ليگ جو 3 ڏينهن وارو سالانو اجلاس شروع ٿيو. جنهن ۾ هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ کان پنجاهه هزارن کان به وڌيڪ نمائندن شرڪت ڪئي ۽ هن اجلاس جي صدارت قائد اعظم محمد علي علي جناح رحه ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي، قائد اعظم رحه واضع طور قوميت جي وضاحت ڪندي چيو ته ”هندو ۽ مسلمان ٻه فرقا ڪو نه آهن، پر ٻه قومون آهن. انهيءَ ڪري هندستان ۾ پيدا ٿيندڙ مسئلا فرقيواراڻا نه پر عالمي نوعيت جا آهن. هندستان جا مسلمان آزادي چاهين ٿا، پر اهڙي آزادي نه، جنهن ۾ هو هندن جا غلام بنجي وڃن. هتي مغربي جهموريت ڪامياب نٿي ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته هندستان ۾ صرف هڪ قوم نٿي رهي. جيئن ته هندو اڪثريت ۾ آهن انهيءَ ڪري ڪهڙي به نوعيت جي آئيني تحفظ سان مسلمانن جي مفادن جي حفاظت نٿي ٿي سگهي. مسلمانن جي مفادن جو تحفظ صرف هن طرح ٿي سگهي ٿو ته هندستان کي هندو ۽ مسلم انڊيا ۾ ورهايو وڃي. هندو مسلم مسئلي جو صرف اهوئي حل آهي. جيڪڏهن ٻيو ڪو حل مڙهيو ويو ته مسلمان اهو ڪنهن به حالت ۾ قبول ڪن ڪندا“. تقرير جاري رکندي قائد اعظم رحه واضع لفظن ۾ اعلان ڪيو ته”اسلام هڪ مڪمل ظابطه حيات آهي، جنهن کي هندومت ۾ ضم ڪري نٿو سگهجي“.  پاڻ وڌيڪ چيائين ته ”هندستان کي هڪ ملڪ جي بدران وڏو کنڊ چوڻ وڌيڪ مناسب ٿيندو، ڇاڪاڻ ته جاگرافيائي لحاظ کان هي علائقو تمام وڏو آهي ۽ هتي هڪ نه پر ڪيتريون ئي قومون آباد آهن“.”هن ملڪ لاءِ ڪو به آئيني منصوبو ان وقت تائين قابل عمل نه ٿيندو ۽ نه وري مسلمانن لاءِ قابل قبول هوندو، جيستائين ان جي ترتيب ۾ هيٺيون طريقو اختيار نه ڪيو ويندو“. ”جاگرافيائي حيثيت سان تعلق رکندڙ مخلتف ايڪن جي اهڙي طرح وحدت قائم ڪجي، جو ضرورت وقت علاقائي ردوبدل سان اهڙي شڪل اختيار ڪن جو جن علائقن ۾ مسلمان عددي اعتبار کان اڪثريت ۾ آهن (جيئن اتر اولهه ۽ اتر اوڀر وارن علائقن ۾) انهن کي گڏي آزاد مملڪت وجود ۾ آڻجي، جن ۾ شامل ٿيندڙ ايڪا خودمختيار ۽ آزاد هوندو“.قائد اعظم نظريه پاڪستان جي وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو ته ”هندن ۽ مسلمانن جو تعلق ٻن مختلف ۽ جدا فلسفن، معاشرتي رسم ۽ رواج ۽ ادب سان آهي. اهي نه هڪ ٻئي ۾ شاديون ڪري سگهن ٿا، نه هڪ ٻئي سان گڏ کائين پيئن ٿا، سندن تعلق مختلف تهذيبن سان آهي، جي هڪ ٻئي جي ابتڙ نظرين ۾ تصورات تي قائم آهن. سندن قومي هيرا جدا آهن. سندن رمزيه داستان به مختلف آهن. عام طور هڪ قوم جنهن کي قومي هيرو ڪوٺي ٿي، ٻي قوم ان کي پنهنجو دشمن سڏي ٿي. انهن ٻنهي جدا قومن کي جيڪڏهن هڪ واحد ملڪ ۾ جڪڙيو ويندو ته هڪ قوم عددي طور اقليت ۾ رهندي ۽ ٻي اڪثريت ۾، ان ڪري اختلاف وڌندا رهندا. قوم جي هر وصف جي لحاظ کان مسلمان هڪ قوم آهن. وٽن پنهنجو وطن، پنهنجو علائقو ۽ پنهنجي مملڪت هئڻ گهرجي“. قرارداد لاهور کي هندن طنزيه طور ’قرارداد پاڪستان‘ جو نالو ڏنو ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. پر هندستان جا مسلمان قائد اعظم جي قيادت ۾ منزل مقصود حاصل ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌندا رهيا. انهيءَ يقين سان ته منزل ويجهو آهي، اهڙي طرح مسلمانن پنهنجي اتحاد ذريعي ثابت ڪري ڏيکاريو ته سندن هڪ مطالبو آهي يعني  پاڪستان حاصل ڪرڻ نيٺ قائد اعظم جون ڪوششون ڪامياب ٿيون ۽ 14 آگسٽ 1947ع تي سڀ کان وڏو اسلامي ملڪ پاڪستان وجود ۾ آيو. پاڪستان جو قيام رڳو تاريخي حادثو نه هو ۽ نه ڪو رڳو سياسي فتح، پر هيءَ جدوجهد هندستان جي مسلمانن جي پنهنجي الڳ وجود کي باقي رکڻ جي سخت خواهش جو نتيجو هو. درحقيقت قائد اعظم رحه جي قيادت ۾ ننڍي کنڊ جي مسلمانن پاڪستان ٺاهي پنهنجي تهذيب، مذهبي قدرن ۽ ثقافت کي بچائي ورتو. نه ته گڏيل هندستان ۾ مسلمانن جو اهوئي حشر ٿئي ها، جيڪو اسپين ۾ مسلمانن جو ٿيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو