ايڊيٽوريل
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ڪورونا جي ٽئين لهر تي ڪنٽرول لاءِ سخت پابندين جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، اين سي او سي پاران ڪيل اعلان مطابق جتي به ڪورونا جي ڪيسن جي شرح 8 سيڪڙو کان وڌندڙ اتي ڪاروبار هفتي ۾ صرف 5 ڏينهن کلندو ۽ سموريون ڪاروباري سرگرميون رات جو 8 وڳي بند ڪيون وينديون، وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪورونا جي موجوده صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ۽ چيو ويو آهي ته سڄي ملڪ ۾ رات جو 8 وڳي تائين ڪاروباري سرگرميون بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، هفتي جا 2 ڏينهن ڪاروباري سرگرميون بند رهنديون، پر ڪاروبار بند رکڻ لاءِ ٻن ڏينهن جو تعين صوبا ڪندا، اجلاس ۾ چيو ويو ته فيصلا 8 سيڪڙو کان وڌيڪ مثبت شرح وارن ضلعن ۽ شهرن ۾ لاڳو ڪيا ويندا، جڏهن ته 8 سيڪڙو کان گهٽ مثبت شرح وارن علائقن ۾ اڳ کان لاڳو پابنديون جاري رهنديون، اين سي او سي سڄي ملڪ ۾ سينيمائون ۽ مزارون مڪمل بند ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو ۽ ايس او پي تحت 300 ماڻهن تائين اجتماعن جي اجازت ڏني وئي، اعلان ۾ چيو ويو آهي ته اسپورٽس، ڏهاڙا، ثقافتي ۽ ٻين سرگرمين تي مڪمل پابندي هوندي، جڏهن ته بند هنڌن تي ٿيندڙ موسيقي ۽ مذهبي اجتماعن تي به پابندي هوندي، اعلان مطابق 300 ماڻهن تائين آئوٽ ڊور شاديءَ جي تقريبن جي رات جو 10 وڳي تائين اجازت هوندي، پر اهي آئوٽ ڊور تقريبون ٻن ڪلاڪن لاءِ هونديون، جڏهن ته ڪنهن به ان ڊور تقريب جي اجازت نه هوندي، اعلان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سڄي ملڪ ۾ ان ڊور ڊائننگ تي پابندي هوندي ۽ رات جو 10 وڳي تائين صرف آئوٽ ڊور ڊائننگ جي اجازت هوندي، جڏهن ته سمورا تفريحي پارڪ به بند رهندا ۽ واڪ ۽ جوگنگ ٽريڪ کليل رهندا. اعلان ۾ چيو ويو آهي ته سمورين سرڪاري، نجي آفيسن ۽ عدالتن ۾ 50 سيڪڙو گهر مان ڪم ڪرڻ واري پاليسي اختيار ڪئي ويندي، نيشنل انٽر سٽي پبلڪ ٽرانسپورٽ 50 سيڪڙو گنجائش سان هلايو ويندو، ريل سروس 70 سيڪڙو گنجائش سان هلندي، جڏهن ته عدالتن ۾ ماڻهن جي موجودگي کي گهٽ ڪيو ويندو، وڌيڪ چيو ويو آهي ته وفاق جون سموريون اڪايون ماسڪ پائڻ کي لازمي بڻائينديون، اعلان ۾ ٻڌايو ويو ته اين سي او سي جي فيصلن تي فوري طور عمل ڪيو ويندو ۽ اهي فيصلا 11 اپريل تائين لاڳو رهندا پر 7 اپريل تي صورتحال جو ٻيهر جائزو ورتو ويندو. تعليمي ادارن بابت فيصلن جو 24 مارچ تي جائزو ورتو ويندو.
ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ڪورونا هڪ خطرناڪ ترين مرض آهي ۽ ان کي روڪڻ لاءِ ملڪي سطح تي جيڪي به فيصلا ڪيا وڃن ٿا انهن جي حمايت ٿيڻ گهرجي، پر گڏوگڏ اسان وفاقي حڪومت کي اها به گذارش ڪنداسين ته جيڪي به فيصلا ڪيا وڃن ٿا انهن تي عمل پڻ ڪرايو وڃي، ڇو ته اڪثر ڏٺو ويو آهي ته وفاق يا صوبائي ليول تي جيڪي فيصلا ٿين ٿا، مقامي سطح تي انهن تي من و عن عمل نٿو ٿئي، جنهن سبب صورتحال وڌيڪ خراب ٿئي ٿي، گڏوگڏ اسان عوام کي به اها اپيل ڪنداسين ته اهو ڄاڻايل فيصلن کي سنجيدگي سان وٺي ۽ ان تي عمل ڪري، خاص ڪري ڪورونا ايس او پيز کي ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي، ڇو ته هيءَ سياسي نه پر انتظامي فيصلا آهن ۽ اهي سڀ عوام جي ڀلي لاءِ ڪيا وڃن ٿا، قومن تي ڏکيا وقت ايندا آهن ۽ مصيبتون ٽري وينديون آهن پر باشعور قومون اهي هونديون آهن جيڪي مهذب طريقي سان هڪ قوم وانگر اهڙين مصيبتن جو مقابلو ڪنديون آهن، يقينن سڄي دنيا وانگر اسان پڻ هڪ ڏکي صورتحال ۾ ڦاٿل آهيون ۽ ان مان نڪرڻ لاءِ اسان کي هڪ قوم وانگر گڏيل فيصلا ڪرڻا پوندا.