270

نارو ڀرسان خانگي ملازم بجلي جي ٿنڀي تي 11هزار وولٽيج تارن ۾ وچڙي زخمي، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل

نارو (ن سوڀ) چونڊڪو شهر ۾ لائين سپريٽيڊنٽ حاجي عبدالغفار جوڻيجو ۽ گرڊ اسٽيشن چونڊڪو جي لاپرواهي سبب بجلي جو ڪم ڪندڙ پرائيويٽ ملازم صفر ملاح بجلي جي ٿنڀي تي 11هزار وولٽيج تارن ۾ وچڙي پيو، جيڪو اڌ ڪلاڪ تائين بجلي جي ٿنڀي تي لٽڪيل رهيو، دانهن تي شهرين پهچي کيس بجلي جي ٿنڀي تان لاهي ورتو، بجلي جي تارن ۾ سڙي وچڙي زخمي ٿيل نوجوان کي وارثن گمبٽ جي گمس اسپتال ۾ داخل ڪرايو آهي، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو