146

پاڪستان کي هڪ مثالي ملڪ بڻائينداسين، عوام ڪورونا کان بچاءَ لاءِ احتياطي هدايتن تي عمل ڪري: اعجاز احمد شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) منشيات جي خاتمي واري وفاقي وزير برگيڊيئر (ر) اعجاز احمد شاهه چيو آهي ته 23 مارچ جو ڏينهن اسان ان وچن کي ورجائيندا آهيون ته اسان پاڪستان کي هڪ مثالي ملڪ بڻائينداسين. اڄ جي ڏينهن نظريي پاڪستان جو باقاعده طور تي سنگ بنياد رکيو ويو. پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي آئون قائداعظم محمد علي جناح ۽ سمورن انهن اڳواڻن کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو جيڪي پاڪستان جي قيام جي سفر ۾ حصو هئا. وفاقي وزير پنهنجي پيغام ۾ قوم کي اپيل ڪئي ته هو وبائي مرض ڪورونا جو مقابلو ڪرڻ لاءِ احتياطي قدمن کي استعمال آڻين ۽ پنهنجي گهرن ۾ رهندي ٻڌايل احتياطي هدايتن تي سختي سان عمل ڪري. هن چيو ته پنهنجي گهرن ۾ موجود 60 سال کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين لڳرايو. وفاقي وزير ان عزم جو اظهار ڪيو ته قومي سلامتي ۽ ترقي لاءِ هر ممڪن ڪوششن سميت منشيات کان پاڪ معاشرو جوڙي ايندڙ نسلن جو مستقبل روشن ۽ محفوظ بڻائينداسين. هن چيو ته پاڪستان جي ترقي ۾ ئي اسان جي ترقي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو