179

لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ پاڪستان ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب، شاگردن ۽ شاگردياڻين وچ ۾ تقريري مقابلو

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ پاڪستان ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي. ڊائريڪٽوريٽ آف اسٽوڊنٽس افيئرس پاران لطيف هال ۾ ڪوٺايل تقريب ۾ ڪرنل مجاهد بنگش، ايڊيشنل آءِ جي ڊاڪٽر جميل احمد، وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر بيکارام، ايس ايس پي حيدرآباد/ڄامشورو عبدالسلام شيخ، رجسٽرار ڊاڪٽر سروپ ڀاٽيا، ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئرس ڊاڪٽر سڄڻ هاليپوٽو سميت استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي قومي جهنڊو پڻ ڦڙڪايو ويو، جڏهن ته شاگردن ۽ شاگردياڻين وچ ۾ تقريري مقابلو به ٿيو. تقريب کي خطاب ڪندي ڪرنل مجاهد بنگش، ايڊيشنل آءِ جي ڊاڪٽر جميل احمد، وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر بيکارام ۽ ٻين جو چوڻ هو ته 23 مارچ 1940ع برصغير جي تاريخ جو هڪ اهڙو عظيم ڏينهن آهي جيڪو پاڪستاني قوم لاءِ قابل فخر آهي، 23 مارچ وارو ڏهاڙو پاڪستان جي آزادي جي جدوجهد جو هڪ اهم سنگ ميل آهي، اسان کي ان ڏينهن تي پاڪستان کي ترقي ۽ خوشحالي جي منزل سان همڪنار ڪرڻ واري عزم جو ورجاءُ ڪرڻو پوندو. مقررن وڌيڪ چيو ته نئين نسل کي پاڪستان جي قيام جي مقصد  ۽ پاڪستان جي تحريڪ بابت آگاهه ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي ته جيئن اهي سڀاڻي ملڪ کي روشن ۽ ترقي يافتا بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. تقريب جي پڄاڻي تي تقريري مقابلي ۾ پوزيشنون حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ انعام، ايوارڊ ۽ شيلڊون ورهايون ويون، جڏهن ته آيل مهمانن کي تحفن سان نوازيو ويو، ان کانسواءِ پروگرام جي چيف آرگنائيزر ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئرس ڊاڪٽر سڄڻ هاليپوٽو کي تقريب جي خاص مهمان ايڊيشنل آءِ جي ڊاڪٽر جميل احمد  مڃتا طور شيلڊ پيش ڪئي. تقريب جي پڄاڻي تي پوليس کاتي پاران ايڊيشنل آءِ جي ڊاڪٽر جميل احمد ۽  ايس ايس پي حيدرآباد/ڄامشورو عبدالسلام شيخ جي اڳواڻي ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف کي ڪورونا خلاف ويڙهه ۾ بهتر ڪردار ادا ڪرڻ تي سلامي پيش ڪئي وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو