ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن واري ڪيس ۾ آءِ جي سنڌ مشتاق مهر پيش نه ٿيو، جڏهن ته حراستي مرڪزن ۾ قيد شهرين جا تفصيل به پيش نه ڪيا ويا، جنهن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. رپورٽن مطابق سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي. عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پڇاڻو ڪيو ته آءِ جي سنڌ ڪٿي آهي، پيش ڇو ناهي ٿيو؟ جسٽس ڪي ڪي آغا سوال ڪيو ته اي آءِ جي ليگل کي آءِ جي سنڌ جي رپورٽ تي صحيح ڪرڻ جو اختيار آهي؟ مفرور جوابدارن جي ڳولا ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي. عدالت حراستي مرڪزن ۾ قيد شهرين جا تفصيل پيش نه ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. عدالت گم ٿيل شهري رياست الله کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي وفاقي گهرو سيڪريٽڙي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، جڏهن ته آءِ جي سنڌ کي 21 اپريل تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي.
142