لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ حفاظتي ضمانت منظور ڪرائي ورتي آهي. رپورٽن مطابق ن ليگ جي نائب صدر کي نيب پاران 26 مارچ تي طلب ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گرفتاري واري خدشي کي نظر ۾ رکندي مريم نواز لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آهي. مريم نواز جاتي امراءَ زمين ڪيس ۾ حفاظتي ضمانت لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿي، جتي هن درخواست داخل ڪرائي. مريم نواز عبوري ضمانت لاءِ جسٽس سرفراز ڊوگر جي سربراهي واري بئنچ آڏو پيش ٿي، ڪيپٽن (ر) صفدر، پرويز رشيد، راڻا ثناءُ الله، عطاءُ الله تارڙ، خواجا عمران نظير ۽ مريم اورنگزيب سميت ٻيا اڳواڻ ساڻس گڏ هئا. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نيب لاهور زمين بابت جاچ شروع ڪئي آهي ۽ ٻن انڪوائريز ۾ 26 مارچ تي طلب ڪيو ويو آهي، جاچ ۾ شامل ٿيڻ چاهيان ٿي پر گرفتاري جو خدشو آهي. درخواست ۾ مريم نواز اپيل ڪئي آهي ته حڪومتي دٻاءَ تي درخواستگذار کي 26 مارچ تي گرفتار ڪري سگهجي ٿو، عدالت ضمانت منظور ڪري. عدالت نيب کي 12 اپريل تائين مريم نواز کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، جڏهن ته هاءِ ڪورٽ مريم نواز کي ٻن ڪيسن ۾ 10-10 لک مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.
169