179

ملڪ ۾ 11 اپريل تائين ڪورونا وائرس سبب متاثر ضلعن ۾ تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو اعلان، سنڌ، بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪورونا وائرس جي شدت گهٽ آهي: اين سي او سي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ٽئين لهر کي نظر ۾ رکندي 11 اپريل تائين ڪورونا وائرس سبب متاثر ضلعن ۾ تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. رپورٽن مطابق نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ تعليم ۽ صحت وارن وزيرن سميت لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران اسلام آباد جي تعليمي ادارن کي وڌيڪ ڪجهه ڏينهن بند رکڻ جي تجويز ڏني وئي. اين سي او سي پنجاب جي 10 ضلعن ۾ تعليمي ادارا 11 اپريل تائين بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو ته سنڌ، بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪورونا وائرس جي شدت گهٽ آهي، لاهور سميت پنجاب جي ڪجهه ضلعن ۾ ڪورونا ۾ واڌ تي سخت ڳڻتي آهي، خيبرپختونخواهه جي ڪجهه ضلعن ۾ به ڪورونا وائرس ۾ واڌ ٿي آهي، 11 اپريل تائين مخصوص ضلعن ۾ تعليمي ادارا بند رهندا، ڪهڙن ضلعن ۾ تعليمي ادارا بند ڪرڻا آهن انهن بابت فيصلو صوبائي حڪومتون ڪنديون. شفقت محمود وڌيڪ چيو ته راولپنڊي، گوجرانوالا، گجرات، ملتان، فيصل آباد، سيالڪوٽ، سرگوڌا ۽ شيخوپوره ۾ تعليمي ادارا بند رهندا، پنجاب جي ٻين ضلعن ۾ پراڻي شيڊول مطابق اسڪول کلندا، قانون جي خلاف ورزي ڪندڙ اسڪولن کي سيل ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪورونا کي نظر ۾ رکندي گذريل سال نائين، ڏهين، يارهين ۽ ٻارهين جماعت جا امتحان نه ٿيا هئا پر هن ڀيري ائين نه ٿيندو، نائين کان ٻارهين درجي تائين جا امتحان شيڊول مطابق مئي جي آخر ۾ ٿيندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو