244

جيڪب آباد ڀرسان جوابدار گوليون هڻي عورت کي قتل ڪري ڇڏيو، گرفتار، لاڪ اپ حوالي

جيڪب آباد (ن سوڀ) جيڪب آباد جي مددگار پوليس لڳ ٽڪنڊي باغ وٽ جوابدار اسدالله بروهي  فائرنگ ڪري جعفر آباد پاڙي جي رھواسڻ مسمات عارفه زال انيس ابڙو کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته جوابدار کي گرفتار ڪندي کيس سول لائين ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو. جوابدار مطابق مون ڀل ۾ ٻي عورت کي قتل ڪيو آهي، مون کي انيلا بروهي کي قتل ڪرڻو هو، جيڪا عارف جمالي سان ڪاري آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو