اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان سمورا اختلاف گڏجي حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ذريعن مطابق آصف علي زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ فون تي رابطو ٿيو آهي، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. مولانا فضل الرحمان چيو ته پي ڊي ايم جي سمورين پارٽين کي گڏيل فيصلن جو احترام ڪرڻ گهرجي، فيصلي مطابق سينيٽ ۾ مخالف ڌر واري سيٽ ن ليگ جي آهي. هن چيو ته اميد آهي ته پيپلز پارٽي پي ڊي ايم جي گڏيل فيصلن جو احترام ڪندي. ذريعن مطابق ٻنهي اڳواڻن سمورا معاملا گڏجي حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ۽ پي ڊي ايم قيادت جي مداخلت کانپوءِ ٻنهي پارٽين پنهنجي ڪارڪنن ۽ ترجمانن کي بيان بازي کان روڪي ورتو آهي.
227