175

پنهنجي گهر کي ٺيڪ ڪرڻ جي ڳالهه ڪجي ٿي ته غدار سڏيو ٿو وڃي: جاويد لطيف

شيخوپوره (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) اڳواڻ ميان جاويد لطيف چيو آهي ته اسان پنهنجي گهر کي ٺيڪ ڪرڻ جي ڳالهه ڪريون ٿا ته غدار سڏيو وڃي ٿو. شيخوپوره ۾ پاڪستان ڏهاڙي جي حوالي سان نڪتل ريلي کي خطاب ڪندي جاويد لطيف وڌيڪ چيو ته معيشت جي استحڪام کانسواءِ اسان پاڪستان مخالف طاقتن جو مقابلو ڪري نٿا سگهون، بنگلاديش ۽ افغانستان مستحڪم ٿي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته اتي عوام جو ووٽ چوري نه پيو ٿئي. هن چيو ته عوام جي سياسي حقن کي تسليم ڪرڻو پوندو، اسان پاڪستان خاطر ڪنهن به قسم جي قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻائينداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو