ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت پاران استادن جي ڀرتين لاءِ فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 10 اپريل تائين واڌ ڪئي وئي آهي. سنڌ جي تعليم کاتي ۾ استادن جي ڀرتين واري معاملي تي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي اختيارين جي سفارش تي فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 15 ڏينهن واڌ جو اعلان ڪيو ويو آهي. استادن جي ڀرتين لاءِ فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ 26 مارچ مان وڌائي 10 اپريل مقرر ڪئي وئي آهي. تعليم کاتي مطابق شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي انتظاميا پاران سفارش ڪئي وئي ته تاريخ ۾ واڌ ڪئي وڃي، يونيورسٽي انتظاميا اپيل ڪئي وئي هئي ته ڪورونا سبب اميدوارن کي تيزي سان ڊگريون ڏيڻ ۾ ڏکيائي پئي ٿئي، ان ڪري تاريخ وڌائي وڃي.
264