اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام هاءِ ڪورٽ سينيٽ چيئرمين واري چونڊ خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله سينيٽ چونڊ ۾ صادق سنجراڻي جي ڪاميابي واري فيصلي خلاف اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. يوسف رضا گيلاني جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ موقف اختيار ڪيو ته صدر مملڪت سينيٽ چيئرمين جي چونڊ لاءِ جي ڊي اي جي سينيٽر مظفر حسين شاهه کي اليڪشن ۾ پرزائيڊنگ آفيسر مقرر ڪيو، شيري رحمان، سعيد غني ۽ مون قسم نامون عدالت ۾ ڏنو آهي ته سينيٽ سيڪريٽري خاني اندر ڪٿي به نشان لڳائڻ جو چيو هو ۽ سينيٽ سيڪريٽري جي چوڻ کانپوءِ اسان پنهنجي سينيٽرن کي ڪٿي به مهر لڳائڻ جو چيو هو، پرزائيڊنگ آفيسر خاني اندر نالي تي مهر لڳل ووٽ رد ڪيا، چونڊ ۾ صادق سنجراڻي کي سينيٽ چيئرمين قرار ڏنو ويو ۽ 7 ووٽ رد ڪري يوسف رضا گيلاني جي شڪست جو اعلان ڪيو ويو. فاروق ايچ نائيڪ وڌيڪ ٻڌايو ته سينيٽ چيئرمين جي چونڊ ۾ اليڪشن ڪميشن جو ڪو به ڪردار ناهي، جيڪڏهن طريقيڪار ۾ ڪا بيضابطگي هجي ته عدالت ۾ چئلينج نٿي ڪري سگهجي، رولز ۾ بيلٽ پيپر يا ووٽ بابت ڪجهه ناهي، رولز ان حوالي سان خاموش آهن، يوسف رضا گيلاني کي اليڪشن جي ڏينهن ۽ اڄ به سينيٽ ۾ اڪثريت حاصل آهي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته پارليامينٽ جي اندرئين ڪارروائي جي استحقاق جي آئين آرٽيڪل 69 مان ڪيئن نڪرندا؟ پارليامينٽ جي اندرئين ڪارروائي عدالت ۾ چئلينج ڪري سگهجي ٿي؟ جيڪڏهن يوسف رضا گيلاني وٽ اڪثريت آهي ته هو صادق سنجراڻي کي هٽائي سگهي ٿو، پارليامينٽ وڏي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ آهي، ڇا پنهنجو مسئلو حل نٿي ڪري سگهي؟ ڇا عدالت کي پارلياماني مسئلي ۾ مداخلت ڪرڻ گهرجي؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ دليل ٻڌڻ کانپوءِ درخواست جي ٻڌڻي تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.
166