264

شاگردن کي روزگار جا موقعا ڏيڻ لاءِ مهراڻ يونيورسٽي ۽ پناڪل ڪنسلٽيشن گروپ وچ ۾ معاهدو

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو ۽ پناڪل ڪنسلٽيشن گروپ وچ ۾ معاهدو ٿي ويو آهي. معاهدي تي مهراڻ يونيورسٽي جي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي ۽ پناڪل ڪنسلٽيشن گروپ جي چيئرمين فضيل سيد صحيحون ڪيون. معاهدي موجب  پناڪل ڪنسلٽيشن گروپ مهراڻ يونيورسٽي جي  آرڪيٽيڪچر، سول انجنيئرنگ ۽ سٽي اينڊ ريجنل پلاننگ  شعبن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي روزگار جا موقعا فراهم ڪندو. ڪنسلٽيشن گروپ طرفان مهراڻ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جا ورڪشاپ، سيمينار  ۽ ڪانفرنسون ڪرائڻ سميت ٻيون تحقيقي سرگرميون ڪرايون وينديون. جڏهن ته معاهدي تي صحيحون ڪندڙ ٻئي ڌريون هڪٻئي سان پنهنجون مهارتون، ڄاڻ، ايجادون ۽ تحقيق ونڊ ڪنديون. معاهدي واري تقريب ۾ مهراڻ يونيورسٽي جي ڊاڪٽر تنوير ڦلپوٽو سميت لاڳاپيل آفيسرن ۽ استادن شرڪت ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو