ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردن پاران عرفان جتوئي جي قتل واري واقعي خلاف ريلي ڪڍي زيرو پوائنٽ وٽ ڌرڻو هنيو ويو آهي، ڌرڻي ۾ شامل شاگردن ۽ شاگردياڻين پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي. سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين هالار جمالي، بختاور ميمڻ، ملائڪا قريشي ۽ اعجاز ملاح جي اڳواڻيءَ ۾ آرٽس فيڪلٽي کان سينٽرل لائبريري تائين احتجاجي ريلي ڪڍي زيرو پوائنٽ وٽ ڌرڻو هنيو. جتي خطاب ڪندي شاگردن ۽ شاگردياڻين جو چوڻ هو ته شاگرد عرفان جتوئي کي 10 فيبروري تي انٽرنيشنل هاسٽل تان کنڀي سکر پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ کيس قتل ڪيو، ڪيترائي ڏينهن گذري ويا آهن، پر اڃا تائين واقعي ۾ ملوث آفيسرن خلاف ڪارروائي ناهي ڪئي وئي. مظاهرين مطالبو ڪيو ته شاگرد عرفان جتوئي جي قتل ۾ ملوث ايس ايس پي سکر عرفان سمون، ايس ايڇ او هٽڙي سيد نثار شاهه ۽ ٻين اهلڪارن کي گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي.
170