244

فرانس جي آزادي جي  هيرو جون آف آرڪ…

ليکڪ: طفيل مگسي

فرانس ۾ 30 مئي جو ڏھاڙو هو.مصروف بازار جي هڪ چوڪ تي ڦاسي جو تختو هر ڪنهن گذرندڙ ماڻھو جي ڌيان جو مرڪز بڻيل هو.ماڻھو بيهي هن تي هڪ نگاهه ضرور وجهندا هئا۽ اڳتي وڌي ويندا هئا.ايتري ۾ ڪٽھڙي وٽ بيٺل هڪ پادري رڙ ڪري چيو. ”اها ڇوڪري جادوگرياڻي آھي.سندس روح کي بچائڻ جي لاءِ ھن کي زندهه ساڙيو وڃي“ پادري جو آواز ٻڌي ڪيترائي ماڻھو بيهي ويا، سرڪاري جلاد رسن سان ٻڌل هڪ اڻويهن سالن جي ڇوڪريءَ کي گهليندو وٺي پئي آيو ۽ کيس تختي سان ٻڌي ڇڏيائين، ڇوڪريءَ کي ڏسي سڀني ماڻھن کي ڏندين آڱريون اچي ويون، ڪالهھ جنهن کي مقدس مڃيو ٿي ويو. اڄ جادوگيراڻي ڪيئن بڻجي وئي؟ ايتري ۾ تختي جي پاسي ۾ پيل ڪاٺين کي باهه ڏني وئي. باھه جا الا هن ڏانهن وڌڻ لڳا، ڇوڪريءَ پنهنجو منهن آسمان ڏانهن ڪيو ۽ چيائين. ”يا خدا منهنجو مقصد پورو ٿي ويو.تنهنجي وڏي وڏي مهرباني“ ڏسندي ئي ڏسندي باھه جي بيرحم شعلن هن کي ساڙي خاڪ جو ڍير بڻائي ڇڏيو. ۽ اھا 13 سالن جي ڇوڪري ڪا ٻي نه هئي پر 1412ع ۾ فرانسيسي ڳوٺ ڊومري واري”جون آف آرڪ“ هئي، هن فرانسيسين ۾ آزادي جو روح ڦوڪيو.جون جي دعويٰ هئي ته انگريزن جي خلاف سو سالن واري جنگ جي پڇاڙي ۾ هن کي ڪٿان کان هدايت ملي هئي جون انگريزن جي خلاف پنهنجي جدوجهد کي ”آسماني حڪم“ قرار ڏنو. انهيءَ ڪري هن کي مقدس هستي سمجهيو ٿي ويو، ڪي ماڻھو هن کي جادوگرياڻي به ڪوٺيندا هئا. هتي اهو سوال پيدا ٿو ٿئي ته نيٺ اهي ڪهڙا ڪارڻ ھئا.جنهن هڪ مقدس کي جادوگرياڻي بڻائي ڇڏيو ۽ پوءِ  اھا جادوگيراڻي ڦاهي گهاٽ تي پهتي، اهو معلوم ڪرڻ لاءِ اسان کي جون آف آرڪ جي زندگي جو مختصر جائزو وٺڻو پوندو. جون آف آرڪ جو پسمنظر: اها ڇوڪري فرانس جي هڪ زميندار گهراڻي ۾ ڄائي، مڪمل تعليم حاصل نه ڪيائين پر پيدائشي طور تي نهايت هوشيار ۽ بهادر هئي.مذھب سان اٽوٽ عشق هيس ۽ اھو اهڙو دور هو جڏھن فرانس جو شاهي خاندان ابتري جو شڪار هو.1328ع ۾ بادشاھه چارلس جي وفات کانپوءِ ان جي خاندان ۾ ڪو مرد وارث نه هو، برطانيا جي بادشاھه ايڊورڊ 2 تخت کي حاصل ڪرڻ جون ڪوششون شروع ڪيون، جنهن جي فرانسيسين مخالفت ڪئي.ٻئي پاسي فرانس جو فلپ ڇهون به هر حالت ۾ بادشاھه بڻجڻ جي موڊ ۾ ھو، انگريز مختلف چالاڪين سان فرانسيسي علائقن تي قابض ٿي رهيا هئا ۽ انهن جي ظلمن ۾ واڌ  ٿي رهي هئي، انگريزن ۽ فرانسيسين جي جنگ کي تاريخ ۾”سو سالن واري جنگ“ جو نانءُ ڏنو ويو، جڏھن ته حقيقيت ۾ 1337ع کان 1457ع تائين جاري رهڻ واري اها جنگ 116 سالن تي ٻڌل هئي، جون جڏھن نوجوان ٿي فرانس جي ڪافي علائقن تي انگلستان قابض ٿي چڪو هو، انگريزن روزاني غريبن جون جهوپڙيون ٿي ساڙيون، هنن جي فصلن کي ڀيلي ٿي ڇڏيائون ۽ ڍور ڍڳا ڪاهي ٿي ويا، اهڙن ظلمن کان تنگ اچي ماڻھو پنهنجا ڳوٺ ڇڏڻ لڳا، جنهن کي ڏسي نوجوان جون ڪڙھندي ۽ رت جا ڳوڙھا ڳاڙيندي هئي، هڪ ڏينهن انگريزن هن جي ڳوٺ کي به باھه ڏئي ڇڏي، جنهن ۾ ھن جو انڌو ڀاءُ به سڙي مري ويو، ان واقعي جون جي دل ۾ آجپي جي باھه کي ڀڙڪايو ۽ ھاڻي هن جو هڪ ئي مشن هو يعني پنهنجي وطن کي انگريزن جي غلامي کان آزاد ڪرائڻ.  جون هڪ باغي بڻجي ڪري مرداڻو روپ اختيار ڪري ورتو، هن آجپي خاطر اهي ڪارناما انجام ڏنا جيڪي ڪو مرد ئي انجام ڏئي ٿي سگهيو، وطن کي آجو ڪرائڻ جو جذبو نيڪ نيتي تي ٻڌل هو، ان جي دليري ۽ فتحن جا دشمن به چاهيندڙ ھئا، ان ڪري سچي جذبي جي جيت ٿي ۽ ھن کي فرانسيسي فوج جي هڪ دستي جي قيادت حوالي ڪئي وئي، 10اپريل 1428ع ۾ جون پهريون ڀيرو فوجي وردي پاتي، هوءَ 10 ھزار فرانسيسي فوجين جي قيادت ڪندي اوغليون جي شھر تي قابض انگريزن تي حملا آور ٿي.حملي کان اڳ فوج کي خطاب ڪندي چيو. ”ساٿيو پنهنجا حوصلا پهاڙ جيڏا رکو، اسان جي جنگ حق جي جنگ آھي ۽ اسان ھي جنگ مقدس مقصدن جي لاءِ وڙھي رهيا آھيون، وڙھو مذھب ۽ فرانس جي لاءِ“ جون دشمنن جو نهايت ئي دليري سان مقابلو ڪيو، جنگ دوران ٻانهن تي تير لڳس، جنهن سان هوءَ زخمي ٿي پئي پر جذبي ۾ ڪا کوٽ نه آيس، هن جا حملن پٺيان حملا ڏسي دشمن وائڙو ٿي ويو ۽ جون جي فوج پنهنجا علائقا آزاد ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. بي مثال ڪاميابين جتي هن کي بلندين تي آڻي بيهاريو، اتي ساڙولن ۽ دشمنن ۾ به واڌارو ٿيندو ويس، هر ڏينهن سان گڏ سازشون زور وٺنديون ويون، پوءِ ھڪ ڏينهن سازشي ٽولي ھن کي ڳري رقم جي بدلي دشمن جي هٿ وڪرو ڪيو، انگريزن هن جي خلاف حملا ڪرڻ، عورت ٿي ڪري مرداڻو روپ اختار ڪري معاشرتي قدرن جي انڪاريت ڪرڻ ۽ پنهنجن ڪمن کي مقدس قرار ڏئي ڪري ماڻھن کي گمراهه ڪرڻ جي الزامن تحت ڪارروائي ڪئي، پادري ۽ بشپ ٻن ججن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، بشپ اڳ ئي هن جو جاني دشمن هو ان ڪري ٽئي الزام درست قرار ڏيندي عدالت هن کي زندهه ساڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.سازش کي سمجهندي هن بلند لفظن ۾ چيو ”هاڻي مون ماڻھن ۾ آزادي جي لاٽ ٻاري ڇڏي آھي، منهنجي موت سان انگريزن کي ڪو فائدو نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته فرانسيسي انگريزن جا غلام بڻجي نٿا رهي سگهن“ هن جي موت جي ڇهن سالن کانپوءِ 1437ع ۾ فرانسيسي فوج پيرس کي آزاد ڪرائي ورتو، 1456ع ۾ پوپ 2 ڪيس جي نئين سر جاچ جي اجازت ڏني، عدالت هن کي بيڏوهي قرار ڏئي سمورن الزامن کان آزاد ڪري ڇڏيو، 1920ع ۾ ھن کي”مقدس“ جو لقب ڏنو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو