183

سماج جي عڪاسي ڪندڙ ڪهاڻي ڪتاب..!!!

ليکڪ: محبوب سنڌي

سرور سيف! سنڌي ڪهاڻي جي ان احساس جو نالو آهي جنهن جو تخيل هڪ اهڙي ورتاءَ کي جنم ڏئي ٿو جيڪو اسان جي سماج جو ئي قصو آهي ۽ اهو بلڪل سچ تي ٻڌل آهي، شروعاتي دور جي ڳالهھ اڳتي هلي داستان جو سفر ڪيو  ته پوءِ آکاڻي جو روپ ڌاري ورتو هو، اها آکاڻي ڪجهھ وقت کان افساني جي ويس ۾ ڍڪجي پئي، نيٺ جنن، ڀوتن، پرين ۽ بادشاهن جي قصن مان نڪري  مقصديت ڏانهن ايندڙ آکاڻي کي  جديد ڪهاڻي جي نالي ۾ هڪ جلا ملي، جنهن ۾ سماج ۾ رهندڙ انسانن جي قصن کي نظر ۾ رکي لکيو ويو، اهڙي ئي هڪ نئين جلا سرور سيف! ڪهاڻي کي بخشي آهي، جو هن جا اهي قصا هوبهو سچ ۽ حقيقت جي ويجهو رهن ٿا، هن جا چونڊيل ڪردار ڏسجن ته  ائين ٿو لڳي ڄڻ اسان جي سماج جو ڪردار وائکو ٿي اسان جي سامهون ڦري رهيو هجي، هن جي ڪهاڻين جي منظر نگاري ۾ اسان جي ڳوٺ واري زندگي جي چرپر ملي ٿي، هن جي ڪهاڻين جا پڄاڻين وارا پاڇا، سنڌ جي 70ع ۽ 80ع واري ڏهاڪي جي نشاندهي ڪن ٿا، ان ناسور دور جي ڪٿا هن ڪهاڻي ڪتاب جي ورقن تي اوتيل آهي، جنهن کي ڄڻ ته زهر جو ڍڪ سمجهي تاريخ جو حصو مڃڻو پوي ٿو. هن ڪهاڻي ڪتاب جو ٽائيٽل ڪنهن پراڻي فلم جي پوسٽر وانگر آهي، ۽ ان ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻيون تخيل جي لحاظ کان سگهاريون آهن.ڪهاڻي ”کير جهڙي ڪاري“ واري نالي تي اختلاف راءِ جو حق رکي سگهجي ٿو، اها هڪ ٻئي ڳالهھ آهي ته ليکڪ اهو ثابت ڪرڻ چاهي ٿو ته هوءَ کير وانگر اڇي آهي, پر هن کي سماج جي ماڻهن ڪاري ڪري ڇڏيو آهي، پر ان نالي جي اصطلاح کي ڏسون ته فطرت کان انڪار ٿو لڳي، کير جو رنگ اڇو آهي ۽ اڇو رهندو، ڪڏهن به کير ڪاري رنگ سان ٿڻين نه نڪتو آهي، پر ڪهاڻي مقصد ۽ فني لوازمات جو پورائو ڪندڙ آهي، اڃا جي ليکڪ ڪهاڻي جي پڄاڻي تي ٿورو غور ويچار ڪري ها ته هيءَ ڪهاڻي وڌيڪ اثرائتي ثابت ٿئي ها. اسين جاڳيا آهيون ڪهاڻي ۾ جاڳ اجهاڳ جو هڪ سڏ آهي، جيڪو سماج جي ستل ضميرن کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پنهنجي اندر سان هڪ ويڙهاند آهي، جي هن ويڙھه ۾ ماڻهو ڪامياب ٿي وڃي ته وڏيرا شاهي مان جان ڇڏائي سگهجي ٿي! ”بانسري کان رائفل تائين“ توڙي جو هن ڪهاڻي جو نالو ڪنهن فلم يا ڊرامي وانگر آهي! پر ڪهاڻي جي اڻت سهڻي ٿيل آهي! ٻولي، فن ۽ فڪر جي لحاظ کان هي پنهنجي دور جي سٺي ڪهاڻي آهي. ڪارو ماڻهو ڳاڙهو درياهه! اڄ به درياهه شاهه دادلي جي پيٽ ۾ معصوم نياڻين کي ڪارو ڪري ڪهي ڦٽو ڪيو ٿو وڃي ۽ درياهه انهن بيگناھن جي رت سان ڳاڙهو ٿيندو رهي ٿو، هي ڪهاڻي! ان درد جي اپٽار آهي، هن ڪتاب ۾ ڪل پندرهن ڪهاڻيون شامل آهن جن جا موضوع ۽ پلاٽ مضبوط بيٺل آهن، ڪردار نگاري ۽ منظرنگاري سميت ٻوليءَ تي به سٺي محنت ٿيل آهي، خاص ڪري”ٽاڪا ٽٽي پيا“،”کوهيل کنڀ“ ۽ ”ڇپر ڪالهھ ڇڏي ويا“ جهڙيون پنهنجو پورو اثر ڇڏيندڙ ڪهاڻيون هن ڪتاب جي سونهن آهن. هي ڪهاڻي ڪتاب  نشاندهي ٿو ڪري آمر ضياءُ جي دور جي، جنهن ۾ هٿ وٺي سنڌ جون حالتون خراب ڪيون ويون، هن ڪتاب ۾اڪثر ڪهاڻيون بيانيا انداز ۾ ڳالهائيندي ملن ٿيون، پر جي ڪردار پاڻ ڳالهائن ها ۽ مقالمن کي بهتر انداز ۾ڪتب  آڻجي ها ته ڪهاڻيون! اڃا وڌيڪ اڀري بيهن ها.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو