193

ساهتيءَ جو شاعر ڪفايت حسين لاڙڪ…

ليکڪ: راهب علي لاڙڪ

سنڌ ڌرتي صوفي بزرگن، اوليائن،تخليقڪارن، ڪلاڪارن ۽ شاعرن جي سرجيل، ڪويتائن سان ٽمٽار آهي. شاعري ۽ گائڪي اهڙي ته قدرتي ڏات آهي، جيڪا هر ڪنهن کي نصيب نه ٿيندي آهي. شاعر، عوام جي امنگن، احساسن، سورن، سختين ۽ پيڙائن کي پنهنجي شاعريءَ وسيلي جھر جهنگ تائين پهچائي ٿو. انهن ڪويتائن ۾ سندن ڏک ڏولاوا ۽ پريت  جا جذبا به شامل هوندا آهن. اهڙن ئي شاعرن مان موجوده دور جو شاعر ڪفايت حسين لاڙڪ به هڪ هو. هن 9 سيپٽمبر 1966ع ۾ ساهتي پرڳڻي يعني نوشهروفيروز جي قديم ڳوٺ کاهي راهو ۾ جنم ورتو. ڪفايت حسين منهنجو ننڍپڻ جو دوست هو، جيترو مون ان کي پرکيو ۽ پروڙيو ايترو شايد ٻئي ڪنهن به نه پرکيو هجيس. ڪفايت ۽ مون 1982ع کان ريڊيو پاڪستان جي مختلف پروگرامن ۾ خط لکڻ شروع ڪيا. اهڙيءَ طرح  1983ع ڌاري يا ڪجهه عرصو پوءِ ريڊيو پاڪستان خيرپور ۽ حيدرآباد تان شعرو شاعريءَ وارن پروگرامن ۾ نئين ٽهيءَ جي شاعرن جا شعر نشر ٿيا ته هن کي به شاعري ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو، پوءِ روزانو پنج، ڇهه بيت ۽ ڏوهيڙا لکي مون کي پڙهي ٻڌائيندو هو. بحر، وزن، رديف ۽ قافيي جي نه کيس خبر هئي ۽ نه وري مون کي خبر هئي. پوءِ جھڙا تهڙا چؤسٽا ريڊيو پاڪستان خيرپور ۽ حيدرآباد تي موڪليائين ته ريڊيو وارن سندس چؤسٽا درست ڪري نشر ڪيا ته تمام گهڻو خوش ٿيو، ڄڻ ته ڪنهن پياسي کي پاڻيءَ لپ ملي هجي. ريڊيو جي بدولت سندس شاعريءَ جو جذبو اڳئين کان به اڳرو ٿيو اهڙي نموني گيت، غزل، وايون ۽ رباعيون لکڻ شروع ڪيائين، سندس شاعريءَ جو جنون ڏسي، مون کيس صلاح ڏني ته مچر جي مشهور شاعر استاد عبدالقيوم وسطڙي کان شاعريءَ جي اصلاح ڪراءِ. پوءِ مشڪور عبدالقيوم وسطڙي صاحب جي ڇپر ڇانو ۽ نظر داريءَ هيٺ شاعريءَ جي سمورين صنفن تي طبع آزمائي ڪيائين.ڪفايت حسين لاڙڪ جي اڌ کان وڌيڪ شاعريءَ ۾ ڏکن، ڏوجهرن ۽ غمن جا انبار آهن. پاڻ اهڙو اظهار هن غزل ۾ به ڪري ٿو.

تنها زندگي هر طرف انڌاري ٿو ڏسان،

غمن ساڻ ڀريل زندگي ساري ٿو ڏسان.

ڏسي پنهنجن کي پنهنجي رقيبن سان گڏ،

پنهنجي اکڙين مان لڙڪ جاري ٿو ڏسان.

خوشيون ويون موڪلائي غمن اڏيا ديرا،

پنهنجي جيون ۾ بيابان ۽ واري ٿو ڏسان.

ڪفايت فراق ۾ دل جا چاڪ چڪن ٿا،

هر وقت اکين ۾ انتظاري ٿو ڏسان.

9 جولاءِ 1986ع تي کيس سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ملازمت ملي ته 1990ع ڌاري فقير جو پڙ حيدرآباد ۽ پوءِ ڄامشورو ۾ رهائش پذير ٿيو. ان وچ ۾ سندس واسطو شاهنواز سيال ۽ نصير مرزا سان ٿيو. پاڻ شاهنواز سان گڏجي پنهنجي شاعري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ان وقت جي ميوزڪ انچارڪ نصير مرزا صاحب کي ڏيکاريائين جنهن سندس ڪلام ”رُس نه تون سانول رسڻ ڪار ناهي“ رضا حسين وسطڙي جي آواز ۾ رڪارڊ ڪيو ۽ ٻيو ڪلام ”توکي يار پنهنجو بنائڻ ٿو چاهيان“ الهداد زرداريءَ جي آواز ۾ رڪارڊ ڪيو. 2005ع ۾ کاهي راهو ۾ مشهور راڳي احمد مغل محفل ڪئي ته ڪفايت حسين پنهنجي شاعريءَ جا ٽي ڪتاب احمد مغل کي ڏيکاريا. اهڙيءَ طرح احمد مغل به سندس ڪجهه ڪلام ڳايا، جن ۾ دنيا تنهنجي سٺي آ مولا دنيا وارا عجيب آهن. جڏهن ته هن کي سنڌ ۾  ماسٽر منظور مشهور ڪيو. جنهن سندس شاعري بهترين ڌنن ۾ ڪمپوز ڪئي ۽ ڪلام: توڏي روز اچڻ جي عادت جو آ ، دل ۾ چوندو هان، توکي ڏسندو رهان يار تو جهڙو هجي. ۽ ٻيا کوڙ سارا گيت، غزل ڳايا. ان کان علاوه استاد وحيد علي، شمن علي ميرالي، ثمينه ڪنول، دين محمد شيخ، غلام شبير شاهاڻي، معشوق کوکر، مُرڪ سنڌو، احمد مغل، ماسٽر فتح، دانش منظور، ماسٽر منظور ۽ ٻين فنڪارن به سندس لکيل ڪيترائي ڪلام پنهنجي ڪيسيٽن ۾ ڳايا ۽ کيس شهرت جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو. ڪفايت حسين لاڙڪ جي ڪجهه شاعري ماهوار ”نئين زندگي“ ۽ ڪتاب ”مٽيءَ ۾ هڳاءُ“ ۾ به شايع ٿي چڪي آهي. تنهن کان سواءِ سندس پهرين ورسي جي موقعي تي شاعريءَ جو مجموعو ”اکڙين ۾ آلاڻ“ ترتيب، خادم حسين لاڙڪ، ڇپائيندڙ، سخاوت حسين لاڙڪ، ڇاپو پهريون، 2015ع حيدرآباد مان شايع ڪرايو. جيئن ته سندس ڪلام هزارن جي تعداد ۾ هئو، تنهن مان ڪجهه ڪلام سندس گهر ڀاتين کان ضايع ٿي ويو. ان باوجود ٻن ڪتابن جيترو اڻڇپيل مواد سندس خاندان وٽ محفوظ آهي.سنڌ ڌرتيءَ جي هن نامور شاعر، غريبن جي همدرد، يارن جي يار ڪفايت حسين لاڙڪ جو وصال 24 مارچ 2014ع بمطابق 22 جمادي الاول 1435هه تي هارٽ اٽيڪ سبب ڄامشوري ۾ ٿيو ته سندس ميت کي اتان کڻائي کيس پنهنجي اباڻي قبرستان سيد بچل شاهه، ڳوٺ کاهي راهو لڳ نوشهرو فيروز ۾ دفن ڪيائون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو