281

نئين سرد جنگ طرف وڌندڙ دنيا….

ليکڪ: پروفيسر بشير سومرو

سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ آمريڪا نيو ورلڊ آرڊر جو اعلان ڪري سڄي دنيا ۾ اڪيلو معاشي توڙي فوجي لحاظ کان طاقتور ملڪ بڻجي ويو ۽ اڃا ھن کي افغانستان ۾ طالبان جي مٿان فتح حاصل ڪري دنيا کي پنهنجي طاقت ڏيکارڻي ھئي، پر آمريڪا جي  سياسي ۽ معاشي فلاسافرن آمريڪا ۾ قومي ٿڪاوٽ  کي جاچي ورتو ته ھاڻي آمريڪا گهڻو وقت سپر پاور رهي نه سگهندو، جنهن ڪري ويھين صديءَ جي آخري ڏھاڪي جي پوين سالن ۾ اهو سوال اڀري آيو ته جڏهن عباسي خليفا سڀ کان وڌيڪ طاقتور ھئا ته پوءِ منگولن کان شڪست ڇو کاڌائون؟ جيڪڏهن شڪست به کاڌائون ته پوءِ عباسين جي طاقت ۽ اقتدار ٽڪرا ٽڪرا ڇو ٿي ويو؟ انهن سوالن جو جواب اهو آيو ته عباسي خليفن پنهنجي فوجن کي مصروف نه رکيو ۽ نه ئي ڪي نوان جنگي محاذ کوليا، اھڙي سوچ جي پس منظر ۾ تھذيبن جي ٽڪراءُ وارو نظريو اڀري آيو، جنهن جي نتيجي ۾ بش انتظاميا سختگير جنرلن ۽ جاسوسن  کي اڳتي آندو ۽ پوءِ دنيا ڏٺو ته آمريڪا ۾ نائن اليون جو واقعو ٿيو، ھي حملو ڪندڙن مان اڪثريت عربن جي ھئي جن جو تعلق وري القاعده سان جوڙيو ويو، جنهن بعد ڪابل تي حملو ڪري طالبان جي حڪومت کي ڪيرايو ويو ۽ پوءِ القاعده جي ويڙھاڪن کي ڳولي ڳولي ماريو ويو، جنهن ۾ شيخ خالد سوڌو ھزارين عرب ويڙھاڪ به شامل هئا، ۽ اهڙي طريقي سان سڄي مسلم دنيا جي مٿان ھڪ جنگ مڙھي وئي، جنهن کي دھشتگرديءَ خلاف جنگ جو نالو ڏنو ويو، دھشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ انهن مسلم ملڪن کي نشانو بڻايو ويو، جن ملڪن افغان جھاد ۾ پنهنجي ويڙھاڪن سوڌو وڏي رقم پڻ خرچ ڪئي ھئي، پر ھن ڀيري آمريڪا پنهنجي اتحادي مسلم ملڪن يا ڪجهه مخالف حڪمرانن کي فتح ڪري وري نئين سر رٿيو ۽ پوءِ ھڪ دفعو ٻيهر القاعده جي آڙ ۾ جنگ شروع ڪئي وئي، ھن جنگ صوماليا، نائيجيريا، سوڊان ۽ مصر کان وٺي ڏکڻ ۽ ڏور اوڀر ايشيا سان گڏ وچ اوڀر کي اٿلايو، پر جلد ئي القاعده جو اثر ضايع ٿيڻ لڳو ته وري القاعده داعش جو روپ وٺي ٻيھر عرب ملڪن کي خوف ۾ وجهي ڇڏيو ۽ سڀني اسلامي ملڪن تي مڙھيل ھن جنگ ۾ لبيا جي ڪرنل قذافيءَ کي قتل ڪيو ويو ۽ داعش جو رخ افغانستان ڏانهن موڙيو ويو، جنهن جي پس منظر ۾ آمريڪا ۽ نيٽو کي فوجي ٻاهر ڪڍڻا هئا ۽ باقي رهيل فوجين کي به ٻاهر ڪڍڻو آهي، پر ھن وقت افغانستان جي معاملي ۾ روس، چين، پاڪستان، ايران، سعودي عرب، آمريڪا جا اتحادي ملڪ ۽ ترڪي ملوث  ٿي ويا آهن، جنهن ڪري داعش طالبان سان ڳالهين ۾ اھم ڪردار ڪندي، جيڪو داعش ھن وقت تائين نه ڪري سگهي آهي، جڏهن ته يورپي يونين جي ملڪن ۾ اڳ القاعده جا دھشتگرد ۽ پوءِ وري داعش جي ويڙھاڪن کان آپگهاتي بم ڌماڪا ڪرايا ويا ۽ جڏهن انهن دھشتگردن جو اثر جھڪو ٿيو ته وري پيرس يا بون ۾ ماڻهن جي ھجوم مٿان اوچتو ٽرڪ چڙهي وڃڻ يا وري خنجر سان اوچتن حملن جي نتيجي ۾ خوف پيدا ڪيو ويو ته جيئن يورپي ملڪ سيڪيورٽيءَ جي حوالي سان آمريڪا جي اثر مان نڪرڻ جي ڪوشش نه ڪن، اھي واقعا ان ڪري به ٿيا جو دھشتگرديءَ واري جنگ گهڻي ڊگهي ٿي وئي هئي ۽ يورپي يونين جي ملڪن تي وڏو عوامي دٻاءَ پيدا ٿيو، پر ساڳي وقت تي ھن جنگ جا نتيجا به نه نڪري سگهيا، ان سڄي ويڙهه دوران چين آمريڪا ۽ سندس اتحادي ملڪن کي دھشتگرديءَ واري جنگ ۾ مصروف ڏسي تيزيءَ سان معاشي ترقي ڪندي پنهنجي شين جي لاءِ نيون مارڪيٽون ڳولڻ لڳو ۽ ٻيو ته ھن جنگ ۾ چين آمريڪا جي سڄي عسڪري قوت کي پرکيندي سڀ کان پھريان عسڪري ۽ واپاري  لحاذ کان اھم بندرن ۽ ٻيٽن تي انفرااسٽرڪچر جي بھاني پنهنجا بيس قائم ڪري ورتا ۽ خاص طور تي ڏکڻ چيني سمنڊ ۽ ھندي وڏي سمنڊ جي ڪناري تي موجود ملڪن جي معاشي ترقيءَ ۾ اھم ڪردار ادا ڪرڻ لڳو، نه صرف ايترو پر چين زمين رستي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئيٽو جي شروعات ڪئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اوباما جي آخري دور ۾ چين تي آمريڪا وڏو دٻاءُ وڌو ته هو پنهنجي مارڪيٽ کي اوپن ڪري، پنهنجي ترقي جو راز ٻڌائي ته آخر چين ڪھڙي  طريقي سان دنيا جو ٻيو نمبر معاشي ملڪ ٿي ويو آهي پر ان ۾ تيزي صدر ٽرمپ جي دور ۾ آئي، جڏهن باقاعده طور واپاري جنگ شروع ٿي وئي، ٽرمپ ھڪدم آمريڪا  ڏانهن ايندڙ چيني شين تي 10 سيڪڙو ٽئڪس مڙھي واپاري جنگ ۾ تيزي آندي، جنهن جي نتيجي ۾ چين به آمريڪي  شين تي ٽئڪس مڙھيو، ٽرمپ ان ٽئڪس کي 25 سيڪڙو ڪرڻ وارو ھو جڏهن ته ھو چين سان گڏ يورپي يونين ۽ جي-7 ملڪن کي آمريڪا فرسٽ يا پروٽيڪشنسٽ ھيٺ چيڀاٽيندو رهيو، جڏهن ته ھن نيٽو جھڙي اھم فوجي اتحاد کي ختم ڪرڻ جو اعلان  ڪيو، پر ٽرمپ اليڪشن ھارائي ويو ۽ جوبائيڊن کٽي آيو، بائيڊن جي کٽي اچڻ سان ھڪ دفعو وري دنيا جيڪا ٽرمپ جي پروٽيڪشنسٽ پاليسيءَ ھيٺ چٿجي رهي هئي ان ۾ جان پوڻ شروع ٿي آهي پر بائيڊن انتظاميا اوچتو سخت گير پاليسي اختيار ڪندي پنهنجو عالمي دشمن وري به چين کي قرار ڏنو ۽ چين سان مھاڏو اٽڪائڻ لاءِ ايشيا ۾ ھندي وڏي سمنڊ اندر ھندستان، آسٽريليا، جاپان ۽ آمريڪا تي ٻڌل ھڪ اتحاد  ڪواڊ کي نيٽو جي انداز مطابق سرگرم ڪرڻ لاءِ بائيڊن انتظاميا ھڪ ورچوئل سربراھي اجلاس ڪرايو، جنهن ۾ 3 اھم اشو سامهون آيا، پھريون خطي ۾ چين جي اثر جو مقابلو ڪرڻ، ٻيو ڪورونا جون ھڪ ارب ويڪسين تيار ڪرڻ ۽ ٽيون موسمياتي تبديلي، پر ٽنھي مان اھم چين مخالف پاليسي ڪھڙي ھجڻ  گهرجي يا چين سان ڪھڙي نموني مقابلو ڪجي ان تي کليل نموني نه ڳالهايو ويو آهي، آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ ھڪ اڻ اعلانيل شروع ٿيل سرد جنگ جي خاتمي لاءِ سنجيدگيءَ سان ڪوشش ڪئي وئي ۽ الاسڪا ۾ ٻن ڏينهن وارين ڳالهين جو دور به هليو، جنهن ۾ چيني وفد جي اڳواڻي يانگ جيچيءَ ڪئي جڏهن آمريڪي وفد اينٽوني بلنڪن جي سربراھيءَ ۾  ڳالهيون ڪيون، ھنن ڳالهين دوران آمريڪي وفد جو لھجو انتھائي سخت ھو، جيئن صدر ٽرمپ چين تي الزام ھڻندو ۽ ٽئڪس به مڙھيندو ٿي آيو ساڳيو انداز وري اينٽوني بلنڪن به شروع ڪيو، پر چين اسلامي ملڪ ته نه آهي جو ان تي القاعده يا داعش جي ويڙھاڪن جا الزام ھڻي ان خلاف دھشتگرديءَ واري جنگ جي شروعات ڪري ڇڏجي، پوءِ به آمريڪي وفد انساني حقن جي ڀڃڪڙيءَ جا الزام هنيا، خاص طور تي ڪاشگر جي مسلمانن تي ٿيندڙ ظلمن جو ذڪر ڪيو ويو آمريڪي وفد کان عراق، شام،  لبيا، لبنان، صوماليا ۽ افغانستان ۾ قتل ڪيل لکين مسلمان به وسري ويا پر وري ھانگ ڪانگ ۾ سخت قانون لاڳو ڪرڻ سان گڏ تائيوان تي قبضي ڪرڻ جو ارادو ۽ سائبر حملا، انٽيليڪچوئل پراپرٽيءَ جي چوري کان وٺي ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ وڌندڙ اثر ۽ آفريقا ۾ اڻلڀ ڌاتوءَ تي قبضو ڪرڻ جا الزام پڻ هنيا، عالمي ميڊيا جو چوڻ آهي ته يانگ جيچيءَ اينٽوني بلنڪن کي ڪجهه ڪڙڪ لھجي ۾ چيو ته الاسڪا ۾ عسڪري حوالي سان گڏجاڻي رٿيل آهي يا ڪنهن ٻئي موضوع تي، جيچيءَ جواب ڏيندي بلنڪن کي ياد ڏياريو ته آمريڪا سپر پاور نه آهي ۽ نه ئي ھن سان گڏ ڪي طاقتور اتحادي ملڪ آهن، چيني وفد جي سخت رويي بعد ڳالهيون نتيجي کانسواءِ ختم ٿي ويون، آمريڪي وفد ڄاتو ٿي ته چين داٻي ۾ اچي ويندو، پر چين کي وري اميد هئي ته بائيڊن انتظاميا چين جي موڪليل شين تان ٽرمپ وارا لڳل ٽئڪس هٽائيندي ۽ اهڙي طرح سان ٻنهي وفدن جي لهجي ۾ سختي اچي وئي ۽ انهيءَ سختي سان اهي واپس موٽي ويا، ٻنهي ملڪن جي سخت رويي کي عالمي ميڊيا چين ۽ آمريڪا وچ ۾ ھڪ نئين سرد جنگ جي شروعات سڏي ٿي جيڪا ھن سڄي صديءَ تي حاوي رھندي، چين ۽ آمريڪا جي ھن وڏي ڦڏي ۾ يورپي يونين جو نه ھجڻ به ھڪ عالمي سازش جو حصو آهي، جنهن جو فائدو وري به چين کي پيو، ڇاڪاڻ ته يورپي يونين جا نمائندا آمريڪا جي سڌي مخالفت نه ڪري سگهن ھا، جنهن جي ڪري انهن کي ايسٽرازينڪا جي قصي ۾ ڦاسايو ويو، ايسٽرازينڪا جيڪا آڪسفورڊ جي تيار ڪيل ويڪسين آهي ۽ ھن وقت ھڪ ڪروڙ 70 لک ماڻهن کي لڳي چڪي آهي، پر انهن مان 37 ڄڻن جي رت ڄمڻ جا ڪيس رپورٽ  ٿيا آهن، جن مان ٻه ڄڻا مري به ويا آهن، جنهن جي ڪري يورپي يونين ۾ ھڪ اھڙو خوف پکڙجي ويو آهي جو ھنن ملڪن جي عوام رڳو ايسٽرازينڪا تي تبصرن ۾ پورو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو