230

سن ڀرسان سنڌو درياهه مان نوجوان جو ڳريل لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي سگهي

سن(ن سوڀ) سن ڀرسان ڇڇر ايٽ سن ٿاڻي جي حد ۾ اڻڄاتل 35 ورهين  جي نوجوان جو لاش مليو آهي، لاش کي سنڌو درياھ ۾ لڙهندو ڏسي ڳوٺاڻن ڇڇر ايٽ سن پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن کانپوءِ پوليس لاش کي ايمبولينس ۾ کڻائڻ بدران ٽائون ڪميٽي سن جي عملي جي مدد سان شهر جو ڪچرو کڻندڙ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ سن  اسپتال پهچايو، لاش گهڻو ڳريل هجڻ سبب ان جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. پوليس پاران لاش جون قانوني گهرجون پوريون ڪيون ويون آهن. ڇڇر ايٽ سن پوليس جو چوڻ آهي ته مليل نامعلوم لاش جي حالت تمام خراب آهي، گهڻو وقت پاڻي ۾ رهڻ سبب سڄو جسم ڳري ويو آهي، ان جي سڃاڻپ ڪرڻ تمام مشڪل آهي، جيڪڏهن اڄ شام تائين لاش جو ڪو وارث نه ٿيو ته لاش کي لاوارث ڄاڻائي سن جي شاھ حيدر قبرستان ۾ دفنايو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو