راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا سان برطانوي ڪمانڊر اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جنرل سر پيٽرڪ نڪولس ملاقات ڪئي آهي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر مطابق پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا سان برطانوي ڪمانڊر اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جنرل سر پيٽرڪ نڪولس يارڊلي مونراڊ سينڊر ملاقات ڪئي آهي، ملاقات دوران پيشوراڻن، گڏيل دلچسپي وارن معاملن، ٻن طرفن لاڳاپن، علائقائي ۽ سلامتي واري معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر مطابق جنرل پيٽرڪ خطي ۾ امن جي قيام لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ پاڪستان جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، برطانوي ڪمانڊر خاص ڪري افغان امن عمل ۾ پاڪ فوج جي ڪوششن کي ساراهيو. ان موقعي تي پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته پاڪ فوج برطانيا سان پنهنجي دوستاڻي لاڳاپن کي اهميت ڏئي ٿي.
165